چمبڙ تعلقو
From Wikipedia, the free encyclopedia
چمبڙ تعلقو (انگريزي: Chambar Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ٽنڊي الهيار ضلعي جو ھڪ تعلقو آهي۔ اِن جو صدرمقام چمبڙ شهر آهي۔ سال 2011ع جي تخميني مطابق ھن تعلقي جي آبادي 1,56,000 ھئي۔ سال 2017ع جي آدم شماري مطابق ھن تعلقي جي ڪل آبادي 2,09,208 ھئي جنھن مان 36,125 شھري علائقي ۾ ۽ 1,73,083 ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ ھئي۔[1] ھن تعلقي جي اتر ۾ ٽنڊو الهيار تعلقو، ڏکڻ ۾ بدين ضلعو ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعو، اولھ ۾ حيدرآباد ضلعو ۽ اوڀر ۾ ميرپور خاص ضلعو واقع آهن۔
ترت ڄاڻ Taluka Chambar چمبڙ تعلقو, ملڪ ...
Taluka Chambar چمبڙ تعلقو | |
---|---|
تعلقو | |
ٽنڊوالهيار ضلعي جو نقشو | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٽنڊوالهيار ضلعو |
يونين ڪاؤنسلون | 7 |
حڪومت | |
• قسم | ميونسيپل ڪاميٽي |
بلندي | 13 ميل (43 ft) |
آبادي ([1]2017) | |
• ڪل | 2,09,208 |
مقامي وقت | پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5) |
ويب سائيٽ | N/A |
بند ڪريو