جمھوريہ پيرو(انگريزي: Peru ) (i/pəˈruː/; [5]ڏکڻ آمريڪا جي اولھ ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جي اتر م ئايڪئيڊور ۽ ڪولمبيا، اوڀر ۾ برازيل، ڏکڻ اوڀر ۾ بوليويا، ڏکڻ ۾ چلي ۽ اولھ ۾ پيسيفڪ سمنڊ آھي. ھي ڪثير جنسي جاندارن وارو ملڪ آھي جنھن ۾ اولھندي پيسيفڪ ساحلي علائقن جي بنجر ميدانن کان ويندي اتر کان ڏکڻ اوڀر تائين اينڊيس جبلن جي قطارن ۽ اوڀر ۾ اميزون ندي جي برساتي ٻيلن واري اميزون بيسن ۾ جاندارن جون ڪيتريون ئي جنسون رھندڙ آھن. [6]
جھموريہ پيرو República del Perú (اسپيني) Co-official names[lower-alpha 1]
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "Himno Nacional de Perú" (اسپيني) "National Anthem of Peru"
| |||||
گادي جو هنڌ | ليما 12°2.6′S 77°1.7′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ليما | ||||
سرڪاري ٻولي | اسپيني | ||||
ٻيون سرڪاري ٻوليون[lower-alpha 1] |
| ||||
نسلي گروھ ( پيرو جي مردم شماري، 2017 [lower-alpha 2]) | نسلي گروھن جا نالا
| ||||
مذهب (2017 جي مردم شماري) | پيرو جي ماڻهن جا مذھب
| ||||
مقامي آبادي | پيروويئن | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ[1][2] | ||||
• صدر |
مارٽن وزڪارا | ||||
• نائب صدر |
مرسيڊيز ارائوز | ||||
• وزير اعظم |
سيلويڊور ڊيل سولر | ||||
مقننه | ڪانگريس | ||||
آزادي اسپين کان آزادي ملي | |||||
• اعلان |
28 جولاءِ 1821 | ||||
• اواڪوچو واري جنگ |
9 ڊسمبر 1824 | ||||
• تسليم ڪيو ويو |
14 آگسٽ 1879 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
1٬285٬216 km2 (496٬225 sq mi) (19th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.41 | ||||
آبادي | |||||
• 2019 اندازو |
32,495,510[3] (43rd) | ||||
• 2017 مردم شماري |
31,237,385 | ||||
• گھاٽائي |
23 /km2 (59.6 /sq mi) (198th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$487.417 ارب ڊالر [4] (36th) | ||||
• في سيڪڙو |
$14,252[4] (85th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$239.218 ارب ڊالر (41nd) |
ڪرسٽوفر ڪولمبس جي آمد کان اڳ وارو پيرو کوڙ قديم تهذيبن جو گھر ھيو جن ۾ 3200 ق ۾ واري سڀ کان قديم نارٽي چيڪو تھذيب (آمريڪا جي پنجن قديم ترين تھذيبن مان ھڪ) کان وٺي ڪولمبس جي آمد کان اڳ آمريڪا جي سڀ کان وڏي انڪا ايمپائر (انگريزي: Inca Empire ) تائين واريون تھذيبون شامل آهن. سورھين صدي عيسوي ۾ اسپين جي ايمپائر ھن خطي تي قبضو ڪري پيرو جي وائسرائلٽي قائم ڪئي جنھن جو صدر مقام ليما ۾ رکيو جنھن ۾ اسپين جي ڏکڻ آمريڪا وارين ڪالونين جو وڏو حصو شامل ھيو. پيرو 1821 ۾ اسپيني ارجنٽينا واري جنرل جوز ڊي سان مارٽن ۽ وينزويلائي اڳواڻ سائمن بوليور جي فوجي مھمن ۽ اواڪوچو واري جنگ جي نتيجي ۾ باقاعده اسپين کان خودمختيار ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن بعد پيرو 1824 ۾ آزاد ٿيو. پيرو ھڪ نمائندگي واري جمھوري ريپبلڪ رياست آھي جنھن جا 25 انتظامي صوبا آھن ۽ معاشي لحاظ کان ان جو شمار اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ ٿئي ٿو. [7] جنھنجي انساني ترقي جو اشاريو اوچو آهي ۽ وچولي آمدني جي مٿين سطح ۾ شمار ٿيندڙ آھي جنھن ۾ غربت جي شرح 19 سيڪڙو آهي.[8] پيرو جي معيشت خطي اندر سڀ کان وڌيڪ خوشحالي واري آھي جنھن جي سراسري واڌ جي شرح 5.9 سيڪڙو آهي. ۽ ان جي صنعتي معيشت جي ترقي خطي ۾ سڀ کان تيز آھي جنھن جي شرح 9.6 سيڪڙو آهي.[9] ان جي وڏين معاشي سرگرمين م کاڻون، صنعتي پيداوار، زراعت ۽ مڇي جو شڪار سان گڏوگڏ ٽيليڪميونيڪيشن ۽ بائيو ٽيڪنالاجي آهي.[10] پيرو ايشيا پيسيفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن ، پيسيفڪ الائنس ، ٽرانس پيسيفڪ پارٽنرشپ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جو سرگرم رڪن آھي ۽ ان جو شمار وچولي طاقتن ۾ ٿئي ٿو. [11] ھن ملڪ جي آبادي 320000 جي لڳ ڀڳ آهي جنھن ۾ ھتان جا اصل رهاڪو، يورپي گورا، آفريڪي ڪارا، ايشيائي ماڻھو شامل آهن. ھن ملڪ جي سڀ کان وڌيڪَ ڳالهائجندڙ ٻولي اسپيني آھي ۽ ٻئي نمبر تي ڪئيچوئائي آھي ھي ھڪ ڪثيرالثقافت ملڪ آھي.
پکيڙ
پيرو جي ڪل پکيڙ 1284640 چورس ڪلوميٽر (495871 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 71 لک 36 هزار آهي. پيرو جي گاديءَ جو هنڌ ليما (Lima) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ هواسڪاران (بلندي: 6768 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جڏهن ته ڪوئچوا ۽ آئمارا ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتي جي موسم خشڪ آهي ۽ مختلف علائقن جي آبهوا مختلف آهي.
وسيلا
پيرو جي مکيه زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، ڪيلو، مڪئي، جَوَ، ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪافي، ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن ۽ مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، فوڊ پروسيسنگ، هينڊي ڪرافٽ، لوهه، پيٽروليم، ريفائنري، سيمينٽ، چمڙي جون شيون، پلاسٽڪ، ڪيميائي شيون ۽ گاڏيون اچي وڃن ٿيون.[12]
حوالا
Wikiwand in your browser!
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.