![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/ed/The_Shah_Lateef_park.jpg/640px-The_Shah_Lateef_park.jpg&w=640&q=50)
ٽنڊو الهيار تعلقو
From Wikipedia, the free encyclopedia
ٽنڊو الهيار تعلقو(انگريزي: Tando Allahyar Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ٽنڊوالهيار جو ھڪ تعلقو آهي. اِن جو صدر مقام ٽنڊوالھيار شھر آھي. 2005 کان اڳ ھي تعلقو حيدرآباد ضلعي جو حصو ھيو. هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 2 لک 63 هزار هئي. 2017ع جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 3,95,996 ھئي جنھن مان 1,88,312 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 2،07،684 ماڻھو شھري علائقن ۾ رھندڙ ھيا[1]. ھن تعلقي جي اتر ۽ اوڀر ۾ جھنڊو مري تعلقو، اولھ م مٽياري ضلعو ۽ حيدرآباد ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ چمبڙ تعلقو واقع آهن.