يوڪرين
From Wikipedia, the free encyclopedia
يوڪرين (انگريزي: Ukraine ) [4] اوڀر يورپ ۾ واقع ھڪ خودمختيار ملڪ جو نالو آهي[5] جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان يورپ ۾ روس کان پوءِ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جون سرحدون اوڀر ۽ اتر-اوڀر ۾ روس سان، اتر ۾ بيلاروس سان، اولھ ۾ پولينڊ، سلوواڪيا ۽ ھنگري سان، ڏکڻ ۾ رومانيا ۽ مالدووا سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ ملڪ جي سامونڊي سرحد ڪاري سمنڊ ۽ ازوف سمنڊ تي واقع آهي. 2014ع ۾ روس ڪرائميا جي اپٻيٽ کي پنھنجي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن تي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ سرحدي تڪرار جي شروعات ٿي [6] بين الاقوامي برادري جي اڪثريت ڪرائميا کي يوڪرين جو حصو تسليم ڪري ٿي. ڪرائميا سميت يوڪرين جي ڪل پکيڙ 603٬628 km2 (233٬062 sq mi) آھي[7]. ملڪ جي ڪل آبادي 2013 ۾ 4،45،73،205 ھئي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر خيو آھي. يوڪرين پھرين نومبر 1918 ۾ سويت سوشلسٽ ريپبلڪ ٿيو ۽ 22 جنوري 1919 ۾ سوويت يونين ۾ شامل ٿي ويو. 24 آگسٽ 1991 تي يوڪرين جي سوشلسٽ ريپبلڪ واري پارليامينٽ سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن بعد پھرين ڊسمبر تي ريفرنڊم ذريعي يوڪرين جي عوام آزادي جي حق ۾ راء ڏني. آزادي ماڻن بعد يوڪرين جو آئين 28 جون 1996 ۾ نافذ ڪيو ويو جنھن تحت يوڪرين ھڪ وحداني رياست آھي جنھن ۾ نيم صدارتي نظام قائم ٿيل آهي.
يوڪرين Ukraine | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: Shche ne vmerla Ukraina "يوڪرين اڃان قائم آھي" | |||||
مڪانيت يوڪرين (سائو) نقشو يورپ جو رنگ (تيز خاڪي) – [Legend] | |||||
گادي جو هنڌ | خيو 50°27′N 30°30′E | ||||
دفتري ٻوليون | يوڪريني | ||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | |||||
نسلي گروھ (2001[2]) |
| ||||
مقامي آبادي | يوڪريني | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
ولاديمير زلينسڪي | ||||
• وزيراعظم |
ڊينس شمايل | ||||
• پارليامينٽ جو چيئرمين |
دميترو ڙازمڪوف | ||||
مقننه | ورخاونا رادا | ||||
قيام | |||||
• خيويائي روس |
882 | ||||
• گاليشيا والھنيا واري بادشاھت |
1199 | ||||
• ڪازڪ ھيٽمنيٽ |
17 آگسٽ 1649 | ||||
• يوڪريني قومي ريپبلڪ |
7 نومبر 1917 | ||||
• اولھ يوڪريني قومي ريپبلڪ |
1 نومبر 1918 | ||||
• يوڪريني سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ |
10 مارچ 1919 | ||||
• عوامي جمهوريه يوڪرائين |
20 نومبر 1917 | ||||
• روس کان آزادي |
20 جنوري 2018 | ||||
• عوامي جمهوريه اولھ يوڪرين |
1 نومبر 2018 | ||||
• سوويت يونين ۾ شموليت |
22 جنوري 1919 | ||||
• آزادي جو اعلان |
24 آگسٽ 1991 | ||||
• آزادي لاء ريفرينڊم |
1 ڊسمبر 1991 | ||||
• موجوده آئين |
28 جون 1996 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
603٬628 km2 (233٬062 sq mi) (46th) | ||||
• پاڻي (%) |
7 | ||||
آبادي | |||||
• 2013 اندازو |
44,573,205 (29t) | ||||
• 2001 مردم شماري |
48,457,102 | ||||
• گھاٽائي |
73.8 /km2 (191.1 /sq mi) (115t) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2013 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$337.360 ارب ڊالر[3] | ||||
• في سيڪڙو |
$7,422[3] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2013 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$175.527 ارب ڊالر[3] |