وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي
From Wikipedia, the free encyclopedia
وڪيپيڊيا ۾ ڇا توھان کي خبر آهي صفحا هي مواد رڪارڊ آهي، جيڪو مُک صفحي تي ڇا توھان ڄاڻو ٿا ڀاڱي ۾ شامل ڪيا ويا هئا. ڇا توهان ڄاڻو ٿا ۾ نوان مضمون، پراڻا بهتر ڪيل ڪچا مضمون يا بهترين مضمون مان ڪو دلچسپ ٽڪرو کڻي سگھجي ٿو. اوهان به ڪنهن مضمون مان ڪو حصو ڏيڻ لاءِ بحث صفحي تي لکو. موبائيل کان سواءِ اسان جي ويب سائيٽ ۾ کاٻي پاسي کان مضمون جي مٿان، تاري جي نشان () مان مراد ڇا توھان کي خبر آهي صفحن جي تصديق هوندو آهي. موبائيل ۾ اهو تارو نظر نه اچي ته اوهان "ميزڀر" کي ٺِڙِڪ (ڪِلڪ) ڪري، ڇا توھان کي خبر آهي صفحن هجڻ بابت ڄاڻي سگھو ٿا. |
اوزار ڇا توھان کي خبر آهي:
|
ڇا توھان کي خبر آھي...؟ سال 2024ع
- ... ته عورتن کي پهريون دفعو ووٽ جو حق 1893ع تي نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو، اهو حق آمريڪا ۾ 1920ع ۽ سعودي عرب ۾ 2011ع تي ڏنو ويو.
- ... ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو بنياد 1989ع تي پيو. ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ هتي سنڌي ٻولي جا اسڪول پڻ هلايا وڃن ٿا.
- ... ته ڪنهن ڪتاب يا ادبي تصنيف جي شروع ۾ لکيل مضمون کي پيش لفظ چئبو آهي. پيش لفظ اڪثر ليکڪ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪتاب جي باري ۾ لکندو آهي.
- ... ته 1937ع وارين سنڌ جي صوبائي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 22 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بڻي، تنهن باوجود سنڌ جي گورنر اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.
- ... ته انڊس اسڪرپٽ فونٽ آسڪو پرپولا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، جي بنياد تي ٺاهيل ڪمپيوٽر فنٽس جو نالو آهي، جيڪي شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي جوڙيا.
- ... تہ چچ نامي جو اصل ليکڪ علي ڪوفي ناھي؟ ھن صرف نامعلوم لکيڪ پاران لکيل عربي ڪتاب جو فارسي ترجمو ڪيو ھو.
- ... تہ ڪن تاريخدانن مطابق سما حڪمران ڄام راءَ ڏنو ۽ ڄام سنجر هڪ ئي ماڻهو جا ٻہ نالا آهن.
- ... تہ ڌرتيءَ جي اندرين حصي جي گرمي پد 7000 ڊگريون سيلسيئس آهي.
- ... تہ رومن ڪيٿولڪ چرچ، سينٽ ميري سکر 1885ع ۾ تعمير ٿيو۔
- ... تہ جيتل سنڌ جي ھڪ قديمي سڪي جو نالو آھي، جيڪو ٽڪي کان ننڍو ھيو.
- ... تہ طاغوت قرآن ۾ استعمال ٿيل ھڪ لفظ آهي جنھن جو ذڪر سورة البقرة ۽ سورة النساء ۾ ٿيل آهي. ان جي لغوي معنيٰ آهي ھر اھو شخص جيڪو پنھنجي جائز حد اورانگھي چڪو ھجي.
- ... تہ هنگلاج ماتا (تصوير) ھڪ ھندو مندر آھي جنھن کي مسلمان امان هنگلاج يا ناني هنگلاج ڪري سڏيندا آهن.
- ... تہ سنڌي ڀيلي هڪ هند-آريائي ٻولي آھي جيڪا پاڪستاني صوبي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهہ حصن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
- ... تہ مَٽيارين جو موتُ ويندي... چوڻي ھڪ فتوا سبب مشھور ٿي، جنھن ۾ چيل ھو تہ ڪو هندو ”ادا“، ”ڀائو“ وغيرہ چوي تہ ان کي زوري مسلمان ڪيو وڃي.
- ... تہ ٿر ۾ 18ھين صدي جي آخر ۾ مھا ڏُڪار آيو، جنھن کي ڇپنو ڏڪار چيو ويندو آھي.
- ... تہ ماتا ترپتا ھندو ڌرم سان تعلق رکندي ھئي ۽ بعد ۾ مذھب تبديل ڪري سک ٿي، سک ازم جو باني سندس پٽ گرو نانڪ (تصوير) ھو.
- ... تہ انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جو آخري ڇپيل ايڊيشن 32 جلدن ۽ 32،640 صفحن تي ٻَڌل آهي.
- ... تہ دنيا جي سڀني پوڄائن مان لنگ جي پوچا جو رواج نهايت قديم آهي.
- ... تہ حر ڪئمپ جوهي جيڪو اٽڪل ويهارو کن ايڪڙن تي پکڙيل آهي ھتي حرن کي ڪٽنبن سميت قيد ڪيو ويندو ھو، ان لاءِ ھن کي حرن جو لوڙهو بہ چيو ويندو آهي.
- ... تہ هيرا (تصوير) قديم يوناني مذهب ۽ ڏندڪٿائن ۾ پرڻي، زال، ٻارڄمڻ، ۽ ڪُٽنب جي ديوي ھئي.
- ... تہ ذمي ھڪ تاريخي لفظ آهي جيڪو اسلامي رياست ۾ انھن غيرمسلم ماڻھن لاء استعمال ٿيندو ھو جن جي حفاظت جي ذميداري رياست جي مٿان ھوندي ھئي.
- ... تہ پاڪستان جي آئين جي شق 6 مطابق ڪو بہ شخص آئين کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪري يا ان جي ڪوشش ڪري تہ وڏي بغاوت جو ڏوهاري ٿيندو.
- ... تہ خانبهادر جو لقب برطانوي راڄ دوران احترام خاطر ھندوستان جي مسلمانن کي ڏنو ويندو ھو، جڏھن تہ ھندن کي راءِ بھادر جو لقب ملندو ھو.
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 31
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 32
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 33
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 34
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 35
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 36
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 37
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 38
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 39
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 40
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 41