![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/aa/Flag_of_FATA.svg/langsd-640px-Flag_of_FATA.svg.png&w=640&q=50)
وفاقي انتظامي قبائلي علائقا
اتر-اولاھين پاڪستان ۾ اڳوڻو نيم خودمختيار قبائلي خطو (1947ع-2018ع) / From Wikipedia, the free encyclopedia
وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا یا "پاڪستان جا قبائلي علائقا" چئین صوبن کان الڳ حيثيت رکندڙ ھڪ خطو ھيو جيڪو وفاق جي انتظام ھيٺ ھيو. سال 2018 ۾ آئيني ترميم ھيٺ ھن علائقي کي صوبي خيبر پختونخوا ۾ ضم ڪيو ويو. قبائلي علائقا 27 ھزار 220 چورس ڪلوميٽرن جي علائقي تي پکڙيل ھيا.
فاٽا | ||
![]() | ||
ايراضي: | 27,220 km² | |
آبادي: | 5,600,000 | |
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/5/5e/Federally_Administered_Tribal_Areas_in_Pakistan_%28claims_hatched%29.svg/640px-Federally_Administered_Tribal_Areas_in_Pakistan_%28claims_hatched%29.svg.png)
اولھ ۾ ھن علائقن جي سرحد افغانستان سان ملي ٿي جتي ڊيورنڊ لائين انھن کي افغانستان کان جدا ڪري ٿي. قبائلي علائقن جي اوڀر ۾ پنجاب، پاڪستان صوبو ۽ ڏکڻ ۾ بلوچستان صوبو آھي.
سال 2000 جي مطابق قبائلي علائقن جي ڪل آبادي 33 لک 41 ھزار 70 ھئي، جيڪا پاڪستان جي ڪل آبادي جو تقريبن 2 سيڪڙو پئي ٿي. ھي قبائلي علائقا مختلف پشتون قبيلن ۾ ورھايل آھي. ھنن علائقن کي مختلف ايجنسين ۾ ورھايو ويو ھو.