وارھ تعلقو يا وارہ تعلقو {{ٻيا نالا|انگريزي= Taluka Warah پاڪستان جي صوبي سنڌ جي قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جو ھڪ تعلقو جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر يا صدر مقام وارھ شھر آھي ھن جي نالي تي ھڪ ننڍو ڪئنال پڻ آهي جيڪو سکر بيراج کان ھن شھر طرف وھندڙ آھي ۽ ھن شھر کان اڳتي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ۾ ان واھ جي پڇڙ وھي ٿي. ھن تعلقي ۾ ٻيا به ننڍڙا شھر ۽ ڳوٺ آھن جن ۾ لالو رائنڪ، گاجي کھاوڙ ۽ وڳڻ شامل آھن. ھي تعلقو سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جو تڪ پڻ آھي جتان گذريل پنجاھ سالن کان پيپلزپارٽي جا اميدوار چونڊبا رھيا آھن. ھن تعلقي جي معيشت زرعي آھي ۽ گھڻي ڀاڱي زرعي جنسن جو واپار ٿئي ٿو ۽ اتي سارين جا ڪارخانا پڻ آهن. ھي تعلقو پھريون لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو ھيو ۽ بعد قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي قيام وقت سھولت خاطر ان کي ان نئين ضلعي جو حصو بڻايو ويو ۽ ان کي بہ ٽوڙي ان جي ھڪ شھر نصيرآباد کي نئين ضلعي جو نئون تعلقو ٺاھيو ويو. سال 1901ع کان وٺي اڄ تائين وارھ شھر ھن تعلقي جو صدر مقام آهي. ايراضيءَ جي لحاظ کان ”اتر ۾ 27- 27 ڊگهائي ڦاڪ ۽ اوڀر ۾ 67- 51 ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي.“ [1] وارهه، تعلقو ٿيڻ کان وٺي نصيرآباد جي تعلقي ٿيڻ تائين ايراضي ۾ 417 چورس ميل تي پکڙيل ھو.[2]
ترت ڄاڻ تعلقو وارھ, ملڪ ...
بند ڪريو