نيو يارڪ سٽي
آمريڪا جي رياست نيويارڪ جو صدر مقام ۽ وڏو شھر / From Wikipedia, the free encyclopedia
نيو يارڪ شھر(انگريزي: City of New York) يا (انگريزي: New York City) يا مختصرن (NYC) يا (NY) آمريڪا جو آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شھر.[6] جنھن جي آبادي 2018 ۾
8,398,748 ھئي[5] ھي شھر لڳ ڀڳ 302.6 چورس ميل (784 km2) جي پکيڙ تي مشتمل آهي.[7][8] اھو آمريڪا جو سڀ کان گھاٽي آبادي وارو شھر پڻ آهي
[9]
نيو يارڪ | |||||
---|---|---|---|---|---|
شھر | |||||
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: وچ شھر وارو مين ھيٽن، ٽائيمز اسڪوائر، يوني اسفيئر، بروڪلن پل، ھيٺيون مين ھيٽن ورلڊ ٽريڊ سينٽر سميت، سينٽرل پارڪ، گڏيل قومن جو صدر مقام ۽ اسٽيچو آف لبرٽي | |||||
| |||||
نيويارڪ شھر جو نقشو | |||||
Location within the state of New York##Location within the United States##Location within North America | |||||
جاگرافي بيهڪ: 40°42′46″N 74°00′21″W[1] | |||||
ملڪ | United States | ||||
يونائيٽيڊ اسٽيٽس | سانچو:Country data New York
| ||||
خطو | مڊ اينٽلانٽڪ | ||||
نيو يارڪ جا بورا | برونڪس
| ||||
ڪالوني | نيو نيدر لينڊ نيويارڪ جو صوبو | ||||
قيام | 1624 | ||||
مختلف حصن کي گڏايو ويو | 1898 | ||||
نالو پيو | جيمز، ڊيوڪ آف يارڪ | ||||
حڪومت [2] | |||||
• قسم | ميئر ڪائونسل | ||||
• مجلس | نيو يارڪ ڪائونسل | ||||
• ميئر | بل ڊي بلاسيو (ڊي) | ||||
پکيڙ[1] | |||||
• ڪل | 1,213.37 ڪ.م2 (468.484 ميل2) | ||||
• زميني | 783.84 ڪ.م2 (302.643 ميل2) | ||||
• آبي | 429.53 ڪ.م2 (165.841 ميل2) | ||||
• ميٽرو | 34,490 ڪ.م2 (13,318 ميل2) | ||||
بلندي[3] | 10 ميل (33 ft) | ||||
آبادي (2010)[4] | |||||
• ڪل | 8,175,133 | ||||
• ڪاٿو
2018 [5] |
8,398,748 |
ھي شھر دنيا جي سڀ کان وڏي ميٽروپوليٽن آهي. [11] ۽ دنيا جي سڀ کان وڏن آبادي وارن شھرن مان ھڪ آھي[12][13] جنھنجي 2018 ۾ آدمشماري 19,979,477 ھئي. ھن کي دنيا جي معاشي طاقت وارو شھر پڻ چوندا آهن ۽ ھي الفا شھرن ۾ شامل آھي.[14] ھن کي ثقافتي شھر پڻ چوندا آهن ,[15][16][17][18][19] وال اسٽريٽ (مالياتي) [20][21] ۽ ميڊيا جو عالمي مرڪز آھي.[22][23] ۽ واپار، تفريح، تحقيق، تعليم ، ٽيڪنالاجي، سياست، سياحت، فن ، فيشن ۽ راندين تي اھم اثر رکندڙ شھر آھي. [24][25][26] [27] ھي شھر گڏيل قومن جو صدر مقام پڻ آهي .[28]ھي شھر بين الاقوامي سفارتڪاري جو پڻ مرڪز آھي.[29][30] ھن شھرجي بندرگاھ نيويارڪ ھاربر دنيا جي وڏي ۾ وڏي قدرتي بندرگاھ آھي.[31][32]
ھي شھر پنج بورا يا ضلعن يا ڪائونٽين تي مشتمل آهي. [33] جن جا نالا آھن: بروڪلن،ڪئينس ، مين ھيٽن، برونڪس ، اسٽيٽن ٻيٽ جيڪي 1898 ۾ ملائي ھڪ شھر ۾ تبديل ڪيا ويا .[34] دنيا ۾ ارب پتي ماڻھن جو شھر سڏجندڙ ھي نيويارڪ 1624 ۾ ھيٺين مين ھيٽن واري جاء تي ڊچ ريپلڪ جي ڪالوني ٺاھيندڙن قائم ڪيو ء 1626 ۾ کيس نيو ايمسٽرڊيم جو نالو ڏنو ويو.[35] 1664 ۾ اھو شھر ۽ ان جي چوڌاري واقع علائقا انگريزن جي قبضي ۾ آيا ۽ ان وقت جي برطانيا جي بادشاھ چارلس ٻئين اھو علائقو پنھنجي ڀاءُ جيمز ٻئين، ڊيوڪ آف يارڪ کي ڏئي ڇڏيو جنھن ان شھر کي نيو يارڪ جو نئون نالو ڏنو. [36] 1785 کان 1790 تائين ھي شھر يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ پڻ رھيو.[37] ۽ 1790 کان وٺي ھي شھر ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر رھندو آيو آھي .[38] اوڻويھين ۽ ويھين صديءَ ۾ ھتي لکين ماڻھو لڏي آيا.[39] ھن شھر ۾ لڳل مجسمو اسٽيچو آف لبرٽي دنيا ۾ ملڪ جي امن ۽ آزادي جي ھڪ سڃاڻپ آهي.[40]