![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/4/43/Flag_of_Mauritania.svg/langsd-640px-Flag_of_Mauritania.svg.png&w=640&q=50)
موريتانيا
آفريڪا ۾ اسلامي جمهوريت / From Wikipedia, the free encyclopedia
موريطانيا , موريتانيه ، ماريطانيہ (انگريزي: Mauritania ) جو سرڪاري نالو اسلامي جمهوريه موريطانيا آھي. آفريڪا جي اتر اولھ ۾ واقع آهي جنھن کي آفريڪا ۾ مغرب پڻ چوندا آهن. آفريڪا جو پکيڙ ۾ يارھون وڏو ملڪ آهي جنھن جي اولھ ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اتر ۽ اتر-اوڀر ۾ ويسٽرن صحارا، اتر-اوڀر ۾ ٻيو ملڪ الجيريا ، اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ مالي ۽ ڏکڻ-اولھ ۾ سينيگال واقع آهي. ملڪ تي اھو نالو قديم دور جي ٽين صدي قبل مسيح کان ستين صدي عيسويءَ تائين قائم رھندڙ بربرن جي موريطانيا جي بادشاھت تان رکيو ويو. ھن ملڪ جي لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو پکيڙ صحارا رڻپٽ تي مشتمل آهي ان جي ڪري آبادي ان جي ڏاکڻي حصي ۾ مرڪوز آھي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر نوئاڪچوٽ آھي جيڪو اينٽلاٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. ملڪ جي آبادي جو ٽيون حصو ھن شھر ۾ رھي ٿو.
ترت ڄاڻ اسلامي جمهوريه موريطانيا, گادي جو هنڌ ...
اسلامي جمهوريه موريطانيا | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: 'شرف إخاء عدل (عربي) "عزت، ڀائيچارو، انصاف " | |||||
![]() آفريڪا ۾ موريطانيا (تيز نيري رنگ ۾ | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | نوئاڪچوٽ 18°09′N 15°58′W | ||||
دفتري ٻوليون | عربي | ||||
تسلیم ٿيل قومي ٻولي |
| ||||
ٻيون ٻوليون | فرينچ[1] | ||||
نسلي گروھ |
| ||||
مقامي آبادي | موريطانيائي - موريتانين | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي اسلامي جمھوريت | ||||
• صدر |
محمد اولاد غزعوني | ||||
• وزيراعظم |
اسماعيل اولد بيدي اولد شيخ سديا | ||||
• نيشنل اسيمبلي جو صدر |
Cheikh Ahmed Baye[2] | ||||
مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
آزادي | |||||
• فرانس |
28 نومبر 1960 | ||||
• موجوده آئين |
12 جولاءِ 1991 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
1٬030٬000 km2 (400٬000 sq mi)[3] (28th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.03 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
4,301,018[4] | ||||
• 2013 مردم شماري |
3,537,368[3] | ||||
• گھاٽائي |
3.4 /km2 (8.8 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$18.117 ارب ڊالر [5] (134th) | ||||
• في سيڪڙو |
$4,563[5] (140th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$5.200 ارب ڊالر [5] (154th) |
بند ڪريو