ظهير الاسلام عباسي
From Wikipedia, the free encyclopedia
ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي (انگريزي: Zahirul Islam Abbasi) (پيدائش: 12 جنوري 1943ع – وفات:30 جُولاءِ 2009ع)، پاڪستان فوج جو اڳوڻو ڪمانڊر ۽ آفيسر هو. هي سياچن جي ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هن هندوستان جي فوج جي چوڪين تي حملا ۽ منصوبه بندي پڻ ڪئي. 1995ع تي بحيثيت ميجر جنرل، پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪرائڻ جي سازش ۾ ملوث هجڻ سبب هن کي ست سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالتي جانچ موجب انهي سازش ۾ فوج کان سواءِ ڪا ٻي سياسي تنظيم ملوث نه هئي. [1]
ترت ڄاڻ ظهير الاسلام عباسي, عرفي نالو ...
ظهير الاسلام عباسي | |
---|---|
عرفي نالو | ظهير ڀائي |
پيدائش | 12 جنوري 1943(1943-01-12)هزاره، پاڪستان |
وفات | 30 جُولاءِ 2009 (عمر 66 سال)راولپنڊي، پاڪستان |
وابستگي | پاڪستان |
نوڪري/شاخ | پاڪستان فوج |
خدمت سال | 1963–1995 |
عهدو | ميجر جنرل |
يونٽ | پيادل فوج، (بلوچ ريجمنٽ) |
سالار | 14هين انفينٽري برگيڊ، سياچن ڊائريڪٽر جنرل، انفينٽري ڪور دفاعي صلاحڪار، هندوستان |
جنگيون/سورهيه | پاڪ هند 1965ع واري جنگ پاڪ هند 1971ع واري جنگ سياچن ڇڪتاڻ (1984ع) سويت افغان جنگ |
اعزاز | ستاره جرعت ستاره بسالت حلال امتياز |
بند ڪريو