شنگهائي
From Wikipedia, the free encyclopedia
شنگھائي (Shanghai) عوامي جمهوريه چين جو آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو شھر آھي جيڪو چين جي سڌي اختيار واري شنگھائي ميونسپلٽي ۾ واقع آهي جنھن تي چين جي رياستي ڪائونسل جي حڪومت آھي. اھو يانگزي ندي جي سمنڊ ۾ پوندڙ ڏاکڻي شاخ لڳ واقع آهي جتي ھوئانگپيو ندي ان سان ملي ٿي. شھر جي آبادي سال 2019ع ۾ 2،42،80،000 ھئي. ھي آبادي ۾ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. شھر عالمي مالياتي مرڪزن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق جي مرڪزن، آمد و رفت ۽ مينيوفيڪچرنگ جي عالمي مرڪزن ۽ دنيا جي مصروف ترين بندرگاھن ۾ شامل آهي. شھر شروع ۾ ھڪ مھاڻن جو ڳوٺ ھوندو ھو جيڪو وڌي مارڪيٽ ٽائون جي درجي تي پهتو. اوڻويھين صدي عيسوي ۾ شھر کي واپار ۽ بندرگاھ جي لاء سازگار مقام ھجڻ سبب چاڙھ مليو. پھرين آفيم جي جنگ بعد پرڏيهي تجارت لاء جيڪي پنج بندرگاھون زبردستي ٺاھيون ويون انھن ۾ شنگھائي واري بندرگاھ پڻ شامل ھئي. شھر ھڪ وڏو عالمي تجارتي مرڪز ٿي ويو پر سال 1949 ۾ سوشلسٽ انقلاب جی بعد تجارتي سرگرميون زوال پذير ٿي ويون. سال 1990ع واري ڏھاڪي ۾ ڊينگ شيائوپنگ جي آندل معاشي سڌارن ذريعي ھن شھر تمام تيزي سان ترقي ڪئي. خاص طور تي پيوڊانگ وارو نئون حصو تجارتي ۽ مالياتي سيڙپ جي واپسي سان عالمي مرڪز ٿي ويو. ھن شھر جي اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي ڏھ وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجن مان ھڪ آھي. شنگھائي مفت ٽريڊ زون چين جي مفت ٽريڊ زونن ۾ پھريون زون ھيو. سال 2020ع ۾ ھن شھر جو شمار الفا پلس شھرن ۾ ٿي ويو. ھي دنيا جو ٻيون نمبر وڏو ارب پتي ماڻھن جو شھر سڏيو ويندو آهي.
شنگھائي 上海市 | |
---|---|
چيني حڪومت جي سڌي اختيار واري ميونسپلٽي | |
مٿان کاٻي کان ساڄي پاسي:لجيئازئي وارو افقي منظر، يو گارڊن، نانجنگ روڊ، ايڇ ايس بي سي بلڊنگ، چيني آرٽ ميوزم، پراڻو شھر | |
ڀانڃ: 上海浦 (شنگھائي پيو) " ھوئانگپيو ندي جو اصل نالو." | |
چين ۾ شنگھائي ميونسپلٽي جو حصو مقام | |
جاگرافي بيهڪ (پيپلز اسڪوائر): 31°13′43″N 121°28′29″E | |
ملڪ | عوامي جمهوريه چين |
ريجن | اوڀر چين |
آبادي جي شروعات | ت. 4000 ق م[1] |
چنگلانگ شھر جو قيام | 746 |
- شنگھائي ڪائونٽي | 1292[2] |
- ميونسپلٽي | 7 جولاءِ 1927 |
انتظامي ورهاست ڪائونٽي سطح: ٽائون شپ سطح: |
16 ضلعا 210 ٽائون ۽ ذيلي ضلعا |
حڪومت | |
• قسم | ميونسپلٽي |
• مجلس | شنگھائي ميونسپل پيپلز ڪانگريس |
• ڪميونسٽ پارٽي شنگھائي جو سيڪريٽري | لي چيانگ |
• ميئر | گانگ جينگ |
• ڪانگريس چيئرمين | Jiang Zhuoqing |
• ميونسيپل چيئرمين | سانچو:Ill[3] |
پکيڙ[4][5] | |
• ميونسپلٽي | 6,341 ڪ.م2 (2,448 ميل2) |
• آبي | 697 ڪ.م2 (269 ميل2) |
• شھري (2018)[6] | 4,000 ڪ.م2 (1,550 ميل2) |
بلندي | 4 ميل (13 ft) |
بلند ترین پیمائش (شيشان ٽڪري) | 118 ميل (387 ft) |
آبادي (2019)[7] | |
• ميونسپلٽي | 26,317,000 |
• ڪاٿو
2020 |
27,058,000 |
شنگهائي | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
عام چيني ٻولي ۾ لکيل لفظ شنگھائي | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
چیني | 上海 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
لغوي معنیٰ | "سمنڊ مٿان" | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
|