سيواستوپول
From Wikipedia, the free encyclopedia
سيواستوپول (انگريزي: Sevastopol ) ڪرائميا جو سڀ کان وڏو شھر ۽ ڪاري سمنڊ جي بندرگاھ آهي. ھن شھر جو بنياد 1787ع ۾ وڌو ويو جتي روسي بحري ٻيڙي جو اڏو قائم ڪيو ويو. جنوري 2021 ۾ ھن شھر جي آبادي 429,922 آھي[1]. ھي شھر ڪرائميائي ٻيٽ ۾ واقع آهي ۽ بين الاقوامي برادري طرفان ڪرائميا وانگر يوڪرين جو حصو تسليم ڪيل آهي. يوڪرين جي نقشي ۾ان کي يوڪرين جو مخصوص حيثيت وارو شھر طور ڏيکاريل علائقو آهي. پر حقيقت ۾ جي شھر پڻ ڪرائميا وانگر 2014ع کان روس جي اختيار ھيٺ آھي. روس ان کي وفاقي شھر جو درجو ڏنو آھي. ھن شھر جي آبادي جي اڪثريت روسي نسل جي آھي ۽ يوڪريني نسل وارا اقليت ۾ آھن. ھن شھر جي علائقي جي ڪل پکيڙ 864 چورس ڪلوميٽر آهي. اھم بندرگاھ واري ھن شھر جي معيشت طاقت واري آھي. ھتان جو اونھارو ۽ سيارو موافق آھن جنھن سبب ھي شھر سياحن لاء تفريح جو مرڪز آھي. ھتي ايندڙ سياحن جو گھڻي ڀاڱي تعلق سوويت يونين مان ٽٽل رياستن جي ماڻھن جو آھي. ھي شھر سامونڊي حياتياتي تحقيق جو پڻ مرڪز آھي. ھي شھر انتظامي طور تي چئن ضلعن ۾ ورھايل آھي
سيواستوپول Sevastopol | |||
---|---|---|---|
| |||
سيواستوپول جي نقشاڪشي (سائي رنگ ۾) | |||
ڪرائميائي اپٻيٽ ۾ سيواستوپول نمايان ڏيکاريل | |||
سيواستوپول جو ڪرائميا ۾ مقام##سيواستوپول جو يورپ ۾ مقام | |||
جاگرافي بيهڪ: 44°36′N 33°31′E | |||
ملڪ | تڪراري: | ||
حيثيت | خودمختيار شھر1 | ||
قيام | 1783 (241 سال اڳ) | ||
حڪومت (ڊي فيڪٽو) | |||
• گورنر | مخائيل ريزووژايف | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 864 ڪ.م2 (334 ميل2) | ||
بلندي | 100 ميل (300 ft) | ||
آبادي (2021) | |||
• ڪل | 509,992 | ||
1 يوڪرين جو مخصوص حيثيت وارو شھر (ڊي جيور) يا روس جو وفاقي شھر (ڊي فيڪٽو) |
روسي ميونسپل نظام تحت جي شھر 9 ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھي.