![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/0c/Montage_of_Sumgayit_2019.jpg/640px-Montage_of_Sumgayit_2019.jpg&w=640&q=50)
سومقاييت
From Wikipedia, the free encyclopedia
سومقاييت(انگريزي: Sumgayit ) (/ˌsuːmɡɑːˈiːt/;[1] آذربائيجاني: Sumqayıt آبادي جي لحاظ کان ھي شھر باڪو ۽ گنجه کان پوءِ آذربائيجان جي ٽيون نمبر وڏو شهر آهي جيڪو ڪيسپئن سمنڊ جي ڀرسان باڪو کان 31 ڪلوميٽر (19 ميل) جي فاصلي تي واقع آهي. شھر جي آبادي 265,000 آھي. بطور ريئن يا ضلعي جي ھن شھر جي پکيڙ شھر ۽ ٻئي ضلعي علائقي سميت 83 ڪلوميٽرزچورس (32 sq mi) آھي. شھر جي ضلعي يا ريئن واري حيثيت جو قيام 22 نومبر 1949ع ۾ ٿيو[2]. سومقاييت شھر کان علاوه ھن ضلعي ۾ جورات ۽ حاجي زين العابدين جي نالي سان ٻہ ٻھراڙيءَ واريون وسنديون واقع آھن. پوئين وسندي ھڪ سخي تيل جي واپاري حاجي زين العابدين تيغيئيف جي نالي سان قائم ٿي ھئي. ھن شھر ۾ سومقاييت اسٽيٽ يونيورسٽي پڻ واقع آهي.
ترت ڄاڻ سومقاييت Sumqayıt, ملڪ ...
سومقاييت Sumqayıt | |
---|---|
شھر | |
![]() | |
جاگرافي بيهڪ: 40°35′23″N 49°40′07″E | |
ملڪ | ![]() |
قيام | 22 نومبر 1949 |
حڪومت | |
• ميئر | ذاڪر فرڪوف |
پکيڙ | |
• ڪل | 97.17 ڪ.م2 (37.52 ميل2) |
بلندي | 26 ميل (85 ft) |
آبادي (2020) | |
• ڪل | 265 150 |
بند ڪريو