زيمبوئانگا
From Wikipedia, the free encyclopedia
زيمبوئانگا(انگريزي: Zamboanga ) فلپائينز جي زيمبوئانگا اپٻيٽ ۾ واقع ھڪ شھر جو نالو آهي. ھي شھر فلپائينز جو پکيڙ ۾ ٽيون ۽ آبادي ۾ ڇھون نمبر وڏو شھر آھي[2]. زيمبوئانگا اپٻيٽ جو سڀ کان وڏو واپاري ۽ صنعتي مرڪز پڻ آھي[3].12 آڪٽوبر 1936 ۾ ھن شھر کي چارٽر شھر جو درجو مليو[4][5] ۽ 26 فيبروري 1937 م ان جو افتتاح ڪيو ويو[6]. شھر جي آبادي 2000 ۾ 601,794 ھئي[7]. شھر جو بنياد 1635 ۾ اسپينين ھڪ قلعو ٺھرائي رکيو جيڪو ڪجهه عرصي کانپوءِ ڏکڻ فلپائينز جو وڏو واپاري مرڪز ٿي ويو. ٻين جنگ عظيم ۾ ھي شھر جاپاني دفاعي صدر مقام ھيو[7]. 1945ع ۾ آمريڪي فوجين جي قبضي ۾ آيو[7]. ھن شھر کان رٻڙ، سچا موتي، کوپرو، مھوگني جي ڪاٺ جي برآمد ٿيندي آهي[7]. مورو واري پتل ۽ ڪانسي جي ٿانون ٺاھڻ جو پڻ مرڪز آهي[7]. ھي شھر سياحتي مرڪز پڻ آھي[7].
ترت ڄاڻ زيمبوئانگا, ملڪ ...
زيمبوئانگا | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
شھر | ||||||||
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: زيمبوئانگا سٽي ھال، سانتا ڪروز وارو وڏو ٻيٽ، پئسيو ڊيل مار، زيمبوئانگا شھر جو ھڪ منظر، بي عيب جنم واري شھري ڪيٿيڊرل، سانتا باربرا مسجد | ||||||||
| ||||||||
عرفيت: گلن جو شھر ايشيا جو لاطيني شھر فلپائينز جي سارڊائين مڇي وارو شھر | ||||||||
نعرو: وري ھڪ بھتر زيمبوئانگا ٺاھيون | ||||||||
ترانو: زيمبوئانگا ھرموسا | ||||||||
ملڪ | فلپائينز | |||||||
صوبو | زيمبوئانگا ڊيل سور (statistically only) | |||||||
ضلعي نمائندن جو ايوان | پھريون اولھ وارو ۽ ٻيون اوڀر وارو ضلعو | |||||||
قائم ٿيو | 23 جون 1635 | |||||||
چارٽر وارو درجو | October 12, 1936 | |||||||
شھري درجو | 26 فيبروري 1937 | |||||||
بارانگيون | 98 | |||||||
حڪومت [1] | ||||||||
• ميئر | ماريه اسابيل ڪلائميڪو سالاز (LP) | |||||||
• نائب ميئر | روميل آگان (UNA) | |||||||
• ڪانگريسي رڪن | * سيزر جمينيز جونيئر
سيڪنڊ ڊسٽرڪٽ (اوڀر وارو ڪنارو ) | |||||||
• چونڊ نظام | = voters (?) | |||||||
پکيڙ ۾ درجو | ٽيون نمبر (شھر) | |||||||
بلندي | 16.0 ميل (52.5 ft) |
بند ڪريو