خود مختيار رياستن جي فهرست
ملڪن جي فهرست / From Wikipedia, the free encyclopedia
هي خودمختيار رياستن جي فهرست دنيا جي آزاد رياستن جو جائزو پيش ڪري ٿي. هن فهرست ۾ رياستن جي حيثيت سندس خودمختياري جي قدر متعلق ڄاڻ ڏنل آهي. گڏيل قومن جي اداري ۾ 206 رياستن جي رڪن سازي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. 193 رياستون گڏيل قومن جي اداري جا رڪن آهن،[1] 2 مبصر رياستون ۽ 11 ٻيون رياستون شامل آهن. خودمختياري تي تنازعي واري خاني ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪهڙين رياستن (191) ۾ ڪو تنازعو ناهي ۽ ڪهڙن رياستن (15 رياستون، جنهن مان 5 گڏيل قومن جي اداري جا رڪن، 1 مبصر رياست ۽ 9 ٻيون رياستون) ۾ تڪراري علائقا شامل آهن.