![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/61/Rudramadevi.jpg/640px-Rudramadevi.jpg&w=640&q=50)
رودراما ديوي
ھندوستاني سنڌي راجپوت مهاراڻي / From Wikipedia, the free encyclopedia
![سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/4/47/List2_gray%26blue.svg/20px-List2_gray%26blue.svg.png)
راڻي روڌرما ديوي (انگريزي ٻولي: Rudrama Devi) (وفات 1289 يا 1295)، يا رودراديوا مهاراجا، ڪڏهن ڪڏهن روڌراما ديوي يا رودراما-ديو سان نالو هِجي ڪيو ويندو آهي، دکن مٿاهون پٽ ۾ سال 1263 کان سندس موت تائين ڪاڪتيا گهراڻو (خاندان) جي مهاراڻي (بادشاهه) هئي.هوءَ هندستان ۾ بادشاهه جي حيثيت سان حڪمراني ڪندڙ تمام ٿورڙين عورتن مان هڪ هئي [1] ۽ مرداڻي صورت ۽ لباس اوڍيائين ائين هن انڪري ڪيو ته جيئن سندس پيءُ (بادشاهه) کي ڪو پُٽ جو اولاد نه هيو ۽ پاڙي جي رياست منجهان اهو خطرو هيو ته سندس رياست جو ڪو مرد بادشاه ناهي رهيو ۽ حملو ڪري سندن رياست تي قبضو ڪيو وڃي ها. رودراما ديوي ڪاڪاتيا بادشاهت تي پنهنجي پيءُ، گناپتديوا، سان گڏجي حڪومت هلائڻ لاءِ پنهنجي راڄ (حڪمراني) گهڻو ڪري 1261-62 کان شروع ڪئي. ھن 1263 ۾ مڪمل خودمتيار اقتدار ماڻيو.[2]
رودراما ديوي | |
---|---|
![]() رودرما ديوي جو مُجسمو | |
پيشرو | گنپتي ديوا |
جانشين | پرتاب رودرا |
جيون ساٿي | ويراڀادرا |
شاھي گھراڻو | ڪاڪاتيا |
پيءُ | گنپتي ديوا |
لاڏاڻو | 1289 or 1295 ممڪن طور چندوپٽلا وٽ (هاڻي تلنگانا ۾، انڊيا) |
پنهنجي ڪاڪتيا ابن ڏاڏن جي ڀيٽ ۾، هِن ڪيترن ئي عام ماڻهن کي ويڙهاڪ جي حيثيت سان ڀرتي ڪرڻ جي چُونڊ ڪئي جيڪي اشرافيا (امير) نه هيا، انهن جي حمايت جي بدلي ۾ هن کين زمين تي لينڊ ٽيڪس روينيو کان ڇُوٽ جا وڌيڪ حق ڏنا.اِها هڪ اهم تبديلي هُئي ۽ ان روايت جي سندس پوئينئر (جانشين) پڻ پيروي ڪئي ۽ نيٺ پوءِ وجياناگرا سلطنت پڻ ساڳئي روايت جي پيروي ڪئي.[3][4]
روڌرما ديوي کي پنهنجي راڄ (اقتدار) شروع ڪرڻ کان تُرت ئي اُڀرندي گنگا شاهي خاندان ۽ جاڙيجن (يادوائن) جي چيلنجن کي مُنهن پڻ ڏيڻو پيو.هوءَ انهن ٻنهين کي پوئتي هٽائڻ ۾ ڪامياب رهي، جيڪي 1270 جي آخر ۾ گوداواري درياء کان پوئتي هٽي ويا، ۽ هن يادوئن کي پڻ هارمڃرائي (شڪست ڏني)،جيڪي اُلهندي آنڌرا ۾ قبضو ڪيل علائقو پڻ ڇڏي ڏيڻ تي مجبور ٿيا. پر نيٺ، 1273 ۾ ڪايسٿا سردار امبارديوا پنهنجي گهراڻو جو سربراه ٿيڻ کانپوءِ ان پاران پيدا ڪيل اندروني اختلاف سان معاملو نبيرڻ ۾ هوءَ ناڪام رهي.امباديوا کي ڪاڪتيا خاندان جي ماتحت رهڻ تي اعتراض هو ۽ هُن ڏکڻ اولهندي آنڌرا تي قبضو ڪري ورتو، جيڪو هاڻي گنتر ضلعو سڏجي ٿو.[5]