![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/82/Ukraine_raions.png/640px-Ukraine_raions.png&w=640&q=50)
رائيون
From Wikipedia, the free encyclopedia
رائِيَون يا رائِيَان يا رَيئَن يا رايون (انگريزي: Raion يا Rayon) پراڻي سوويت يونين ۾ شامل رياستن جي ھڪ انتظامي ورھاست جو نالو آهي جيڪا پاڪستان جي ضلعي جي برابر آهي. ان نظام م صوبي کي اوبلاسٽ سڏيندا آهن. لفظ RAYON فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي شعبو يا ڊپارٽمينٽ[1]. ڪن رياستن ۾ رائيون شھر جي انتظامي ورھاست طور استعمال ٿيندو آهي[2]. بلغاريه ان قسم جي ورھاست جو ھڪ مثال آھي[3]. انگريزي ٻوليءَ ۾ ان کي ڊسٽرڪٽ سڏيندا آهن. رائيون يا رايون واري نالي سان انتظامي ورھاست وارن ملڪن ۾ ، روس، چين، آذربائيجان، آرمينيا، يوڪرين، آسٽريا، اسٽونيا، بيلاروس، بلغاريه، ڪرائميا، جارجيا، قزاقستان، ليٽويا، لٿوانيا، مالڊووا، رومانيه، ڏکڻ اوسينشيا ۽ ٽرانسنسٽريا شامل آهن. چين ۾ اھا ورھاست صرف ان جي ھڪ آٽونامس ريجن ۾ آھي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/82/Ukraine_raions.png/640px-Ukraine_raions.png)