![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/06/Map_of_the_district_of_Hyderabad_in_Sindh.svg/langsd-640px-Map_of_the_district_of_Hyderabad_in_Sindh.svg.png&w=640&q=50)
حيدرآباد ٻهراڙي تعلقو
From Wikipedia, the free encyclopedia
حيدرآباد تعلقو(انگريزي: Hyderabad Taluka) يا حيدرآباد ٻھراڙيءَ وارو تعلقو (انگريزي: Hyderabad Rural Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام حيدرآباد، پاڪستان ۾ آھي[2] هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 2 لک 84 هزار ھئي. ھن تعلقي ۾ کوڙ ننڍڙا شھر واقع آھن جن ۾ ھٽڙي، ٽنڊو قيصر، ٽنڊو ڄام، مسو ڀرڳڙي ۽ موسيٰ کٽياڻ شامل آهن.سنڌ جي سڀ کان وڏي زرعي يونيورسٽي پڻ ھن تعلقي ۾ ٽنڊي ڄام ۾ واقع آهي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جنم جو ھنڌ ڳوٺ ڀينءَ پور ھن تعلقي ۾ موجود آھي. مشھور صوفي شاعر محمد فقير کٽياڻ جي مزار ھن تعلقي جي ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ ۽ محمود فقير کٽياڻ جي مزار ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ ۾ واقع آھي.
ترت ڄاڻ حيدرآباد تعلقو تعلقو حيدرآباد ٻھراڙيءَ, ملڪ ...
حيدرآباد تعلقو تعلقو حيدرآباد ٻھراڙيءَ | |
---|---|
تعلقو | |
Taluka Hyderabad | |
![]() حيدرآباد ضلعي جو نقشو | |
جاگرافي بيهڪ: 25°24′36″N 68°28′44″E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ضلعو | حيدرآباد ضلعو |
آبادي [1] | |
• ڪل | 4,66,770 |
مقامي وقت | پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5) |
يونين ڪاؤنسلون | 11 |
بند ڪريو