جوليا رابرٽس
From Wikipedia, the free encyclopedia
جوليا فيئونا رابرٽس(انگريزي: Julia Fiona Roberts) (born October 28, 1967) ھڪ اداڪارہ ۽ پروڊيوسر آھي. ھيء 1990 ۾ ھاليوڊ جي دنيا ۾ رومانٽڪ مزاحيہ فلم پريٽي وومن م سندس اداڪاري جي ڪري چمڪي وئي جنھن فلم پوري دنيا ۾ 46.40 ڪروڙ ڊالرن جو بزنس ڪيو.ان فلم ۾ اداڪاري تي ھن جي نالي جي چونڊ اٺن ايوارڊن لاءِ ٿي جن مان ھن ٽي ايوارڊ کٽيا جن م گولڊن گلوب ايوارڊ شامل آھن. سن 2000 م ھن جو نالو فلم ارين بروڪووچ ۾ بھترين اداڪاري جي ڪري اڪيڊمي ايوارڊ لاء چونڊيو ويو. ھن جي فلمن ھڪٻئي پٺيان دنيا جي اندر رڪارڊ بزنس ڪيو جنھن ڪري ھيء 1990 واري ڏھاڪي جي ھاليوڊ جي مھانگي ترين اداڪارئن ۾ شامل ھئي.[1] رڳو 1995 ۾ ڊيمي مور فلم اسٽرپ ٽيز لاء ان سال جو سڀ کان وڌيڪَ معاوضو ساڍا ٻارھن ڪروڙ ڊالر ورتو.[2]جوليا پرٽي وومن فلم جو معاوضو ٽي لک ڊالر ورتو ھو[3] 2003 ۾ کيس فلم موناليزاس سمائيل(Mona Lisa Smile) جو اڍائي ڪروڙ ڊالر معاوضو مليو. مختلف ميگزين سروي ۾ ھن جو شمار دنيا جي حسين ترين عورتن ۾ ٿيندو رھيو آھي
جوليا رابرٽس | |
---|---|
جوليا رابرٽس 2016 ۾ 2016 واري ڪينز فلم فيسٽيول ۾ | |
پيدائش | جوليا فيئونا رابرٽس آڪٽوبر 1967 (عمر 56 سال) سمرنا، جارجيا، گڏيل آمريڪي رياستون |
مادر علمي | جارجيا اسٽيٽ يونيورسٽي (تعليم ترڪ ڪيائين) |
پيشو | اداڪارا ۽ فلمساز |
سَرگَرمُ سالَ | 1987– ھاڻي تائين |
جيون ساٿي | ليلي لوويٽ (ش. 1993; طلاق 1995) ڊينيئل ماڊر (ش. 2002) |
ٻار ٻچا | 3 |
ماءُپيءُ | والٽر گريڊي رابرٽس
بيٽي لئو بريڊيمس |
رشتيدار | ايرڪ رابرٽس (ڀاء)
ايما رابرٽس (ڀائٽي) |