توسان
From Wikipedia, the free encyclopedia
تُوسان (انگريزي: Tucson، ( ٻُڌو)) يا ٽُوسان آمريڪا جي ايريزونا رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو وڏو شھر آھي. ھي شھر ايريزونا جي وڏي ۾ وڏي شھر فينڪس کان 187 ڪلوميٽر (116 ميل) ڏکڻ اوڀر ۾ سانتا ڪروز نديءَ (Santa Cruz River) جي ڪناري تي آباد آھي. 2020ع واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 542,629 آھي[3]. توسان ميٽروپوليٽن شمارياتي ايراضيءَ (Metropolitan Statistical Area) جي ڪل آبادي 1,043,433 آھي[4]. ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو 33ھون وڏو شھر آھي. ميڪسيڪو جي سرحد ھتان کان فقط 97 ڪلوميٽر (60 ميل) ڏکڻ ۾ واقع آھي.
تُوسان (Tucson) | ||
---|---|---|
ايريزونا رياست جو شھر | ||
گھڙيال واري رخ ۾، مٿان کان ھيٺ:
توسان شھر، ايريزونا يونيورسٽي، سينٽ آگسٽين ڪيٿڊرل، سانتاڪاتالينا جبل، سھارو نيشنل پارڪ، پيما ڪائونٽي ڪورٽ ھائوس | ||
| ||
Interactive map outlining Tucson | ||
پيما ڪائونٽي ۾ بيھڪ | ||
جاگرافي بيهڪ: 32°13′18″N 110°55′35″W | ||
ملڪ | آمريڪا جون گڏيل رياستون | |
رياست | ايريزونا | |
ڪائونٽي | پيما (Pima) | |
بنياد پيو | 20 آگسٽ 1775ع | |
شھر طور رجسٽر ٿيو | 7 فيبروري 1877ع[1] | |
قيام | ھيوگو اوڪونر (Hugo O'Conor) | |
وارڊ | ||
حڪومت | ||
• قسم | ڪائونسل مينيجر گورنمينٽ | |
• مجلس | تومان سٽي ڪائونسل | |
پکيڙ[2] | ||
• ايريزونا رياست جو شھر | 241.33 ميل2 (625.04 ڪ.م2) | |
• زميني | 241.01 ميل2 (624.22 ڪ.م2) | |
• آبي | 0.32 ميل2 (0.82 ڪ.م2) | |
بلندي | 2,389 ft (728 ميل) | |
آبادي (2020) | ||
• ايريزونا رياست جو شھر | 542,629 |
ھن شھر جو بنياد اسپين جي فوجي جرنل ھيوگو اوڪونر ( Hugo O'Conor) 1775ع ۾ رکيو. 1881ع ۾ جڏھن ميڪسيڪو اسپين کان آزادي حاصل ڪئي تہ ھن شھر کي سونورا (Sonora) رياست جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. 1853ع ۾ ھي شھر آمريڪا جي گڏيل رياستن جو حصو بنجي ويو[5] ۽ 1867ع کان 1977ع تائين ايريزونا جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 2017ع ۾ يونيسڪو ھن شھر کي بھترين کاڌن پچائڻ (Gastronomy) جو شھر قرار ڏنو[6].
ھن شھر ۾ ايريزونا يونيورسٽي 1885ع کان قائم آھي ۽ ھي شھر پيما (Pima) ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي.