![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/8c/Badin_District.jpg/640px-Badin_District.jpg&w=640&q=50)
بدين ضلعو
سنڌ جو هڪ ضلعو / From Wikipedia, the free encyclopedia
بدين ضلعو(انگريزي: District Badin ) (اُچار: بَدِين ضلعو، اردو: ضلعہ بدین ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڀنڀور ڊويزن ۾ واقع هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام بدين شهر آهي. پهرين جنوري 1975 تي بدين کي ڌار ضلعو بڻايو ويو. انهيءَ کان پهرين اهو علائقو ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو هو. هن ضلعي جي اتر اولھ ۾ حيدرآباد، اتر ۾ ٽنڊوالهيار، اوڀر ۾ ٿرپارڪر ۽ ميرپور خاص ضلعا، ڏکڻ ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي سرحد جي پار ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ، ۽ اولهه ۾ سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعا واقع آهن.[2]. ھن ضلعي جي ڪل ايراضي 6,726 چورس ڪلوميٽر آهي[3] 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي ڪل 1,804,516 ھئي. ھي ضلعو سمنڊ جي سطح کان 50 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي[4]. بدين جا ٻہ تعلقا ساحلي پٽي۾ واقع آهن جن م بدين تعلقو ۽ شھيد فاضل راهو تعلقو شامل آهن[4].
ترت ڄاڻ بدين ضلعو Badin, ملڪ ...
بدين ضلعو Badin | |
---|---|
سنڌ جو ضلعو | |
![]() بدين ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
جاگرافي بيهڪ: 24°39′37″N 68°49′56″E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ڊويزن | ڀنڀور ڊويزن |
تعلقا | 5 |
يونين ڪاؤنسلون | 68 |
پکيڙ | |
• ڪل | 6,726 ڪ.م2 (2,597 ميل2) |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,804,516 |
مقامي وقت | پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5) |
بند ڪريو