آرمينيا
اولھ ايشيا جو ھڪ ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
آرمينيا:(انگريزي: Armenia ) (i/ɑrˈmiːniə/;[15]، جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف آرمينيا آھي، يوريشيا جي علائقي ڏکڻ ڪوھ قاف جو ملڪ آھي جيڪو اولھ ايشيا ۾ واقع آهي.[16][17] ان جو سرحدون اولھ ۾ ترڪي سان، اتر ۾ جارجيا سان، اوڀر ۾ ڊي فيڪٽو نگورنو ڪاراباخ جي آذربائيجاني علائقي ۾ نام نھاد ريپبلڪ آف ارتسخ ۽ ڏکڻ ۾ ايران ۽ آذربائيجاني ايڪسڪليو نخجوان سان ملن ٿيون.[18] اھو ھڪ وحداني، ڪثيرالجماعت، ڊيموڪريٽڪ قومي رياست آھي جيڪا ھڪ قديم ثقافتي ورثو رکي ٿي.اتر اوڀر ايشيا جي ڪوچڪ ۽ ڏکڻ اولهه ٽرانس ڪاڪيشيا جو هڪ تاريخي علائقو آهي، جيڪو ترڪيءَ جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي، جنهن جي پکيڙ لڳ ڀڳ ساڍا يارهن هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي، آرمينيا ڪنهن وقت روس جي رياست به رهيو آهي[19]. هن جي آبادي چاليهه لکن کان مٿي آهي[19]. آرمينيا جو گهڻو حصو پهاڙي آهي[19]. چيو وڃي ٿو ته طوفان نوح کانپوءِ حضرت نوح جو ٻيڙو اچي هتي لٿو[19]. هتان جي آبهوا پاڪستان جي آبهوا سان هڪجهڙائي رکي ٿي[19]. هتان جا رهواسي مشرقي قوم جي نسل مان آهن، جيڪي انڊو يورپين ماڻهن سان گڏجي ويا آهن[19]. هتان جي مقامي زبان فارسي سان ملندڙ جلندڙ آهي[19].
ريپبلڪ آف آرمينيا | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "اسان جو اباڻو وطن"
| |||||
گادي جو هنڌ | يريوان | ||||
سڀ کان وڏو شهر | يريوان | ||||
دفتري ٻوليون | آرمينيائي [1] | ||||
نسلي گروھ (2011) | |||||
مذهب | عيسائيت (آرمينيائي حواري ڪليسا)[4] | ||||
مقامي آبادي | آرمينيائي يا آرمينيئن | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني ريپبلڪ | ||||
• صدر |
آرمين سرڪسيئن (9 اپريل 2018 کان) | ||||
• وزيراعظم |
نڪول پاشينيان (8 مئي 2018 کان) | ||||
• نيشنل اسيمبلي جو صدر |
آرارات ميرزويان(14 جنوري 2019 کان) | ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
بنياد ۽ آزادي | |||||
• بنياد پيو |
2492 ق م | ||||
• حايازا- ازي |
1500–1290 ق م | ||||
14 ھين صدي- 1190ق م | |||||
860–590 و م | |||||
• اروندي شاھي خاندان |
6 ھين صدي ق م | ||||
• عظيم آرمينيائي بادشاھت جنھن ۾ آرمينيا متحد ٿيو آرتاشيسي گھراڻي ھيٺ [8] |
190 ق م [9] | ||||
• آرشاڪوني گھراڻو |
52–428 | ||||
• باغراتي آرمينيا |
885–1045 | ||||
• سليشيا واري آرمينيائي بادشاھت |
1198–1375 | ||||
• آرمينيا جي پھرين ريپبلڪ |
28 مئي 1918 | ||||
• سويت يونين کان آزادي ورتائين . |
23 آگسٽ 1990b 21 سيپٽمبر 1991c 26 ڊسمبر 1991d | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
29٬743 km2 (11٬484 sq mi) (138th) | ||||
• پاڻي (%) |
4.71[10] | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
2,924,816[11] | ||||
• 2011 مردم شماري |
3,018,854[12][13] (134th) | ||||
• گھاٽائي |
101.5 /km2 (262.9 /sq mi) (99th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$27.212 billion[14] | ||||
• في سيڪڙو |
$9,098[14] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$11.037 ارب ڊالر[14] |