نئين دھلي
From Wikipedia, the free encyclopedia
نيو دھلي(انگريزي: New Delhi ) انڊيا جي نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري جي شھر دھلي جو ھڪ حصو جيڪو انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ آهي.[3][4] ھن نئين شھر جو پيڙھ جو پٿر جارج پنجين دھلي جي دوري دوران 1911 ۾ رکيو.[5] ھن شھر جو نقشو برطانيا جي آرڪيٽيڪٽ ايڊون لچنس (Edwin Lutyens) ۽ ھربرٽ بيڪر ٺاھيو. ھن نئين گاديءَ جي ھنڌ جو افتتاح 13 فيبروري 1931 ۾ گورنر جنرل ۽ وائسراءِ لارڊ ارون (Lord Irwin) ڪيو.[6] اڪثر دھلي ۽ نيو دھلي کي ماڻھو ساڳيو انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ سمجھندا آھن پر حقيقت ۾ نيو دھلي دھلي شھر جو حصو ھوندي نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف دھلي ۾ ھڪ الڳ حيثيت رکندڙ شھر آھي جيڪو انڊيا جي وفاق جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
ترت ڄاڻ نیودھلي New Delhi, ملڪ ...
نیودھلي New Delhi | |
---|---|
گاديءَ جو هنڌ | |
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: سيڪريٽريٽ بلڊنگ، نيو دھلي; ڪوناٽ محل، نيو دھلي ؛ جنتر منتر، نيو دھلي; راشٽرپتي ڀون; انڊيا گيٽ | |
انڊيا جي شھر دھلي ۾ نيو دھلي جو مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 28°36′50″N 77°12′32″E | |
ملڪ | ڀارت |
قيام | 1911 |
نئين گاديءَ جو افتتاح | 1931 |
حڪومت | |
• قسم | ميونسپل ڪارپوريشن |
• مجلس | نئين دھلي ميونسپل ڪائونسل |
پکيڙ[1] | |
• گاديءَ جو هنڌ | 42.7 ڪ.م2 (16.5 ميل2) |
بلندي | 216 ميل (709 ft) |
آبادي (2011)[2] | |
• گاديءَ جو هنڌ | 257,803 |
بند ڪريو