گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس
پاڪستان چونڊ اتحاد / From Wikipedia, the free encyclopedia
گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس يا مُک جمهوري اتحاد (انگريزي: Grand Democratic Alliance، مخفف: GDA، جي ڊي اي)، سنڌ جي سياسي جماعتن جي چونڊ اتحاد جو نالو آهي، جيڪا 2018ع جي چونڊن وقت جوڙي وئي هئي.
ترت ڄاڻ گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس, مخفف ...
گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس | |
---|---|
مخفف | جي ڊي اي |
اڳواڻ | پير پاڳارو |
بنياد | 23 آڪٽوبر 2017 (2017-10-23)[1] |
نظريو | علاقائیت سماجي جمہوریت پسندي انسان دوستي وفاقیت |
سياسي پاسو | مرڪزي |
سينٽ | 1 / 104 |
قومي اسيمبلي | 3 / 342 |
سنڌ اسيمبلي | 14 / 168 |
بند ڪريو
هن اتحاد جو مُک سبب، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڳڙهه يعني سنڌ ۾ کيس چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ هو. هن اتحاد جي مُک جماعت مسلم ليگ فنڪشنل هئي؛ جنهن 2013ع جي صوبائي چونڊن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي ٻي نمبر وڏي پارٽي هئي، جنهن ان چونڊن ۾ 12 سيڪڙو ووٽ کنيا. هن اتحاد کي 2018ع جي چونڊن ۾ پ پ پ لاءِ وڏي چيلنج طور ڏٺو پي ويو.[2] پر هن اتحاد صرف 15 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.