پيسفڪ سمنڊ
سمنڊ / From Wikipedia, the free encyclopedia
پيسفڪ سمنڊ (Pacific Ocean) ڌرتيءَ جي گولي جي اٽڪل ٽئين حصي تي پکڙيل هيءُ سمنڊ پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو سمنڊ آهي،[1] جيڪو اڪثر ماٺو هوندو آهي، ان ڪري ”پئسفڪ“ (Pacific) سڏجي ٿو.[2] هن جي اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ اينٽارڪٽيڪا سمنڊ آهن. هي سمنڊ ايشيا ۽ آسٽريليا سان گھيريل آهي ۽ اوڀر ۾ آمريڪا اٿس.