پاڪستان جون ڊويزنون
From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان جون ڊويزنون(انگريزي: Divisions of Pakistan) پاڪستان جي ورهاست چئن صوبن: سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواھ ۽ بلوچستان، ھڪ وفاقي ٽيريٽري: فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف اسلام آباد ۽ ٻہ خودمختيار ٽيريٽريون: گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٿيل آھي. انھن سڀني جي انتظامي ورهاست ڊويزن سڏجي ٿي جيڪي ضلعن م ورھايل آھن. سواء سنڌ جي باقي سموري پاڪستان ۾ ضلعن جي ورھاست تحصيلن ۾ ٿيل آھي. سنڌ ۾ ضلعي ورھاست تعلقن ۾ ٿيل آھي. ان جو سبب اھو آھي تہ ايسٽ انڊيا جي ڪمپني واري سرڪار جي دور ۾ سنڌ بمبئي جو حصو رھي ھئي ۽ برٽش انڊيا جي دور ۾ بمبئي کان ڌار ٿي. بمبئي پريزيڊنسي ۽ ڏکڻ انڊيا جي صوبن م ضلعي ورھاست تعلقن ۾ ٿيل ھئي. اتر انڊيا ۾ وري تحصيلن وارو نظام رائج ھيو. 2000 ۾ پاڪستان ۾ ڊويزن سسٽم ختم ڪيو ويو ھو پر 2008 ۾ اھو وري بحال ڪيو ويو. فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف اسلام آباد جو شمار ڊويزن ۾ ناھي ٿيندو. ھر ڊويزن جو وڏي ۾ وڏو عملدار ڪمشنر ھوندو آھي.