اتر-اولاھين پاڪستان ۾ اڳوڻو نيم خودمختيار قبائلي خطو (1947ع-2018ع) From Wikipedia, the free encyclopedia
وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا یا "پاڪستان جا قبائلي علائقا" چئین صوبن کان الڳ حيثيت رکندڙ ھڪ خطو ھيو جيڪو وفاق جي انتظام ھيٺ ھيو. سال 2018 ۾ آئيني ترميم ھيٺ ھن علائقي کي صوبي خيبر پختونخوا ۾ ضم ڪيو ويو. قبائلي علائقا 27 ھزار 220 چورس ڪلوميٽرن جي علائقي تي پکڙيل ھيا.
فاٽا | ||
ايراضي: | 27,220 km² | |
آبادي: | 5,600,000 | |
اولھ ۾ ھن علائقن جي سرحد افغانستان سان ملي ٿي جتي ڊيورنڊ لائين انھن کي افغانستان کان جدا ڪري ٿي. قبائلي علائقن جي اوڀر ۾ پنجاب، پاڪستان صوبو ۽ ڏکڻ ۾ بلوچستان صوبو آھي.
سال 2000 جي مطابق قبائلي علائقن جي ڪل آبادي 33 لک 41 ھزار 70 ھئي، جيڪا پاڪستان جي ڪل آبادي جو تقريبن 2 سيڪڙو پئي ٿي. ھي قبائلي علائقا مختلف پشتون قبيلن ۾ ورھايل آھي. ھنن علائقن کي مختلف ايجنسين ۾ ورھايو ويو ھو.
ھن ڀاڱي ۾ نئين معلومات جي ضرورت آھي.
تصغیر|وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا قبائلي علائقا ھنن 7 ايجنسين/ضلعن تي مشتمل ھيا.
ان کان علاوه پشاور، ٽانڪ، بنون، ڪوھاٽ ۽ ڊيرا اسماعيل خان سان ملندڙ 6 سرحدي علائقا بہ موجود آھن.
قبائلي علائقن جي اھم شھرن ۾ پاره چنار، ميران شاھ مير علي، باجوڙ، وانا ۽ دره بازار شامل آھن.
ھن وقت پاڪستان جا حڪمران پنھنجي دولت وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين تہ ٻي طرف ھنن انھن غريب ماڻھن کي تعليمي سھولتن کان بہ پري رکيو آھي. نہ ئي انھن جي لاءِ اسڪول ۽ نہ ئي ڪاليج بڻايا ويا آھن اھا ئي وجھ آھي تہ ھنن ماڻھن جي نسبت پاڪستان جي ٻين علائقن جا ماڻھو خصوصاً پختونخوا ۽ پنجاب تعليم ۾ قبيلن کان تمام اڳتي آھن پر قبائلي جيڪي پاڪستاني قوم جو باقاعدو حصو آھن ھو انھن سھولتن کان محروم رھيا آھن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.