From Wikipedia, the free encyclopedia
ٽوئيٽر سماجي رابطن جي هڪ ويبسائٽ آهي، هِي سماجي رابطي جو هڪ وڏو ذريعو آهي، هِن جي شروعات 2001ع ۾ ٿي. پوري دُنيا ۾ هِن جي استعمال ڪندڙن جو تعداد 200000000 کَن آهي. هِن ويبسائٽ ذريعي ڪو به صارف ٻين ماڻهن کي مختصر پيغام موڪلي سگھي ٿو يا ٻين پاران موڪليل پيغام پڙهي سگھي ٿو. هِنن مختصر پيغامن کي ٽوئيٽس چيو ويندو آهي. ان موقعي تي صارفين کي سهولت ملي ٿِي جنهن ذريعي هُو وقت بوقت اهڙا پيغام موڪلي سگھن ( مختلف ٻولين ۾، جنهن ۾ سنڌي به شامل آهي) جيڪي 140 اکرن تي مشتمل هُجن. هِي پيغام موبائل ذريعي به موڪلي سگھجن ٿا ۽ پڙهي پڻ سگھجن ٿا. جيڪڏهن توهان جو بلاگ آهي، ته توهان ٽوئيٽر پنهنجي ٽُئيٽر کاتي ۾ پنهنجي بلاگ جو ڳنڍڻو شامل ڪري سگھو ٿا، جنهن سان اهو ٿيندو ته جڏهن به توهان بلاگ تي ڪا پوسٽ ڪندئو ته پاڻمرادو طور بلاگ پوسٽ جو عنوان ۽ ڪُجهه شروعاتي جُملا، بلاگ پوسٽ جي ڳنڍڻي سان گڏ توهان جي ٽوئيٽر پروفائل تي شايع ٿي ويندا. اهڙي طرح ڪنهن به مخصوص زمري کي پڻ شامل ڪري سگھجي ٿو. ٽوئيٽر جي استعمال ڪندڙ ڪنهن به صارِف جي پيغام (جنهن کي ٽوئيٽ چيو وڃي ٿو) جِي پيروي ڪري سگھن ٿا.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.