ون يونٽ
From Wikipedia, the free encyclopedia
ون يونٽ (One Unit) اھو منصوبو ھو جنھن کي پاڪستان جي وفاقي حڪومت اولھ پاڪستان جي تمام صوبن ۽ علائقن جي ضم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ھو۔ جنھن جي تحت مملڪت پاڪستان جي اولاھين حصي جي تمام صوبن کي ملائي ڪري ھڪ ايڪائي جي صورت ڏني وئي جڏھن تہ ھن جو ٻيون حصو اوڀارين پاڪستان جي صورت ۾ موجود ھو۔ اھڙي طرح پاڪستان صرف ٻن صوبن تي مشتمل ھڪ رياست بڻجي ويو۔
ون يونٽ منصوبي جو اعلان وزير اعظم محمد علي بوگره 22 نومبر 1954ع تي ڪيو ۽ 14 آڪٽوبر 1955ع تي مملڪت خداداد جي اولاھين حصي جي تمام صوبن کي ضم ڪتي اولھ پاڪستان صوبو تشڪيل ڏنو ويو جنھن ۾ تمام صوبن کان علاوه رياستون ۽ قبائلي علائقا بہ شامل ھا۔ ھي صوبو 12 ڊويزنن تي مشتمل ھيو جڏھن تہ ان جي گاديء جو ھنڌدار لاهور ھو۔ ٻي طرف اوڀر بنگال جي صوبي کي اوڀر پاڪستان جو نالو ڏنو ويو جنھن جي گاديء جو ھنڌ ڍاڪا ھو۔ وفاقي گاديء جو ھنڌ 1959ع ۾ ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪيو ويو، جتي فوج جا صدر دفتر ھيا، ۽ گادي جو ھنڌ نئين شھر اسلام آباد جي تڪميل تائين ھتي موجود رھيو جڏھن تہ وفاقي مجلس قانون ساز ڍاڪا منتقل ڪئي وئي۔
ھن پاليسي جو مقصد بظاھر تہ انتظامي بھتري آڻڻ ھو پر ڪيترن ئي لحاظن کان ھي تمام گھڻو تباھ ڪندڙ قدم ھو۔ اولھ پاڪستان ۾ موجود تمام رياستن ھن يقين دھاني تي ھندستان جي ورھاڱي جي وقت پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي ھئي تہ ھنن جي خود مختياري قائم رکي ويندي پر ون يونٽ ٺاھڻ جي فيصلي سام تمام مقامي رياستن جو خاتمو ٿي ويو۔ ان سلسلي ۾ بھاولپور، خيرپور ۽ قلات جون رياستون قابل ذڪر آھن۔
معاملا ان وقت وڌيڪ ڳمڀير ٿيا جڏھن 1958ع جي فوجي بغاوت کان بعد وڏي وزير جو عھدو ختم ڪيو ويو ۽ صدر اولھ پاڪستان جا اختیار پاڻ وٽ رکي ڇڏيا۔ سياسي ماھرن اھو بہ سمجھن ٿا تہ اولھ پاڪستان جي تمام صوبن ملائڻ جو مقصد اوڀر پاڪستان جي لساني ۽ سياسي ايڪائي جو زور ٽورڙڻ ھو۔
آخرڪار پھرين جولاءِ 1970ع تي صدر يحييٰ خان ون يونٽ جو خاتمہ ڪندي اولھ پاڪستان جا تمام صوبا بحال ڪري ڇڏيا.