نوشهرو فيروز ضلعو

سنڌ، پاڪستان ۾ ضلعو From Wikipedia, the free encyclopedia

نوشهرو فيروز ضلعوmap

نوشهرو فيروز ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ نوشهرو فيروز شهر آهي.

ترت ڄاڻ نوشهروفيروز, ملڪ ...
نوشهروفيروز
ضلعو
ضلعه نوشھروفيروز
Thumb
نوشھروفيروز ضلعو ۽ ان جا تعلقا
Thumb
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز
Thumb
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°50′N 68°07′E
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن شھيد بينظيرآباد ڊويزن
تعلقا 5
بند ڪريو

تاريخ

موجوده نوشھروفيروز ضلعو برٽش انڊيا دور کان وٺي حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ھيو جيڪو بعد نوابشاھ ضلعي جو حصو ٿيو. 1990 م ان کي نوابشاھ کان ڌار ڪري ضلعي حيثيت ڏني وئي[1]۔. چچنامي جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھن ريت بيان ڪيو آھي : ”محمد بن قاسم ساوندري يعني ساوڙي (چچنامي ۾ سائوندي لکيل آھي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو ـ جيئن ته محمد بن قاسم اروڙ طرف وڃي رھيو ھو، تنھنڪري بھراور جي تلاش ساوڙيءَ کان اُتر طرف ڪرڻ گھرجي ـ ھن کان اڳ ڏٺو ويو آھي ته محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڏانھن ايندي ”جلوالي“ جي ڍوري تي اچي منزل انداز ٿيو ھو ۽ ساوندڙيءَ ۾ به وڪر بھار جي ڍنڍ تي اچي لٿو ـ انھيءَ مان گمان نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي سھولت جي لحاظ کان محمد بن قاسم جي فوج اڪثر درياءَ جي ڦاٽن جو ڪنارو وٺي پئي ھلي ـ تنھنڪري قرين قياس آھي ته محمد بن قاسم ساوندڙي ڇڏڻ کانپوءِ مھراڻ جي ڪنھن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اُتر طرف ڪُوچ ڪيو ھجي ـ انھيءَ قديم ڍوري جا نشان ھن ساوڙيءَ کان اُتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي وانءِ، چيھي جي اولھه طرف ڀريا ۽ ھالاڻي بھلاڻيءَ وٽان اڃان تائين ظاھر بيٺا آھن ـ“[1] بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو : ”انھيءَ قديم ڍوري جي رُخ ۽ رستي جي لحاظ سان بھراور مان ڀريا ۽ بھلاڻي جو گمان نڪري ٿو ـ بھلاڻي ڪافي پراڻي بستي آھي ۽ جيئن ھالاڻي (ھالا قوم جي بستي) تي ھالا قوم جي پويان نالو پيل آھي، تيئن ممڪن آھي ته بھلاڻي (ڀلاڻي، ڀراڻي، ڀرياڻي) تي به ڀريا قوم جي پويان اھو نالو پيل ھجي ـ انھيءَ گمان موجب بھلاڻي توڙي ڀريا ، اھي ٻئي نالا ڀريا قوم جي بستين پويان پيل ٿا ڀائنجن ـ ڀريا قوم به سھتن ۽ لاکن وانگر شايد سنڌ جي آڳاٽي قوم ھئي ـ ٿي سگھي ٿو ته بھراور (ڀراور _ ڀريا) ڀريا قوم جي ڏاکڻي بستي ھجي جيڪا موجوده ڀريا شھر جي آسپاس ھئي ـ “[1]

تعلقا

هن ضلعي ۾ پنج تعلقا آهن.

  1. نوشھرو فيروز تعلقو
  2. ڪنڊيارو تعلقو
  3. ڀريا تعلقو
  4. مورو تعلقو
  5. محراب پور تعلقو

يونين ڪاؤنسلون


وڌيڪ معلومات #, يونين ڪاؤنسل ...
نوشھرو فيروز ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[2]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1محبت ديرو سيال2ڪوڙو خشڪ3شيخاڻي
4موريا5ڄام نورالله6گھانگھرا
7ڪنڍڙ8غلام شاھ9[[]]
10[[]]11سومر چنڙ12ڪمال ڏيرو
13[[]]14[[]]15[[]]
16جيئندو راجپوت17ميھار حاجي18لاکا روڊ
19سعيد پور20نئون آباد21ھوت خان جلباڻي
22ڊالي23راجو ڪيريو24دريا خان جلباڻي
25چاھين26بيلا واھ27غير گاجو
28خاني قاسم29خاني ميمڻ30ڪوٽ بھادر
31[[]]32[[]]33داليپوٽا
34[[]]35دانگيجا36 چيھو
37ڀنڀري38چناري39مسرور جي واھ
40ويسر، نوشھروفيروز41ڦل42نورپور
43وڳڻ44ابران45ڪور حسن
46سرھال47ڀرنڊ48ٺاٺ
49ڪينچي جاگير50ڪاھر واھ51لنڊڪي
52ڪيھڪٽ53خالصو54پراڻو ڳچيرو
55ليلئا56فتو بلال57درس
58ڪوٽ ستابو59مناھين60صالح پور
61جتوئي62دلو شاھ63ڏيپارجا
64ليٺ----
بند ڪريو

درگاهون

هن ضلعي ۾ هيٺيون مشهور درگاهون موجود آهن.

  1. درگاهه الله آباد شريف، ڪنڊيارو

مشھور شخصيتون

هتي جو مشهور شخصيتون هيٺيون آهن

  1. جلال چانڊيو
  2. غلام مرتضي جتوئي
  3. غلام مصطفي جتوئي
  4. راشد مورائي
  5. سڄڻ سائين
  6. سيد الھندو شاھ
  7. حافظ غلام قادر ڀٽو

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.