ميرپور خاص

سنڌ جو مشھور ۽ ڊويزنل صدر مقام From Wikipedia, the free encyclopedia

ميرپور خاصmap

مير پور خاص (Mirpurkhas) شهر پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ميرپور خاص ڊويزن جي ضلعي ميرپور خاص جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع ھڪ شھر ۽ ڊويزنل، ضلعي، سب ڊويزنل ۽ تعلقي جو صدر مقام آهي. هي شهر انبن جي ڪري مشهور آهي. اڄڪلهه هي شهر سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏي جي مکيه اسٽيشن جي ڪري پڻ مشهور آهي.‎‎

Thumb
ميرپور خاص جي ريلوي اسٽيشن
ترت ڄاڻ ميرپورخاص, ملڪ ...
ميرپورخاص
شھر
Thumb
ميرپورخاص جو عجائب گھر
Thumb
ميرپورخاص
ميرپورخاص
Thumb
ميرپورخاص
ميرپورخاص
MPD
جاگرافي بيهڪ: 25°31′30″N 069°00′57″E
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ميرپورخاص ضلعو
تعلقو ميرپورخاص تعلقو
آبادي (2008)
  ڪل 374,371
بند ڪريو

ميرپور لفظ جي معني آهي ميرن جي سرزمين. اھو سنڌ جو پنجون وڏو شهر آهي، جنهن جي آدمشماري اٽڪل 488,590 آهي. هي شهر خاص طور انبن جي ڪري مشهور آهي، هتي هر سال انبن جو ميلو لگندو آهي جنهن کي مينگو فيسٽيول سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ هزارين قسمن جي انبن جي نمائش ٿيندي آھي.

Thumb
سترھين صدي جو تاريخي چتوڙي قبرستان

تاريخ

هن شهر جو بنياد مير ٺارو ٽالپور ۽ سندس فرزند، مير علي مراد ٽالپور سن 1806ع ۾ رکيو ۽ سندن رياست جو تختگاهه بڻايو. مرزا قليچ بيگ مطابق، "ميرپورخاص ڪو گهڻو جهونو شهر ناهي. سنه 1806ع ۾ مير علي مراد خان ٽالپر ماڻڪاڻي ٻڌو ۽ اڃا انهيءَ جو اولاد اتي ٿو رهي. مير شير محمد خان جنهن دٻي وٽ انگريزن سان جنگ ڪئي، سو به انهن مان هو ۽ اتي جو ويٺل هو، سندس ڪوٽ هاڻي ڊهي ويو آهي. شهر کان اڌ ميل پنڌ تي ٻڌن جو قديم ڦٽل مندر آهي. جنهن کي ڪاهو جو دڙو چوندا آهن، ڇهين عيسوي صديءَ جو جڙيل ٿو ڏسجي."[1] ايم ايڇ پنهور وري ان خيال جو ھو تہ ان شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[2] “ سن 1806ع ۾ منڪاني ٽالپر پنهنجي شهر مان لڏي ميرپورخاص ۾ آيو ۽ هڪ تنظيم هلايائين جيڪا مير علي مراد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ هلي. آخر ۾ سنڌ بمبئي جو حصو ٿي وئي ۽ ميرپور خاص ٿرپارڪر ضلعي جو حصو ٿي ويو ۽ ان ضلعي جو صدر مقام عمر ڪوٽ کي بڻايو ويو. سن 1900ع ۾ جمڙائو ڪينال ٺهيو ۽ 1906ع ۾ ميرپور خاص کي ضلعي صدر مقام بڻايو ويو. جڏهن ويهين صدي شروع ٿي تڏهن ميرپورخاص جي آدمشماري 2،787 هئي. ميرپورخاص جي ڪپھ جي صنعت ملڪ جي ڪاٽن انڊسٽري ۾ اھميت رکي ٿي.

تعليم

ميرپورخاص ۾ ڪيترا ئي اعليٰ تعليمي ادارا آهن.

سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس

زيبسٽ ڪاليج

شاھ عبدالطيف ڪاليج

گورنمنٽ ماڊل ڪاليج

پبلڪ اسڪول ميرپورخاص

گورنمنٽ ابن رشد گرلس ڪاليج

محمد علي ميڊيڪل ڪاليج
جمالی

آبهوا

ميرپورخاص جي آبهوا تمام سٺي آهي هتي چارئي مندُون ٿينديون آهن.

مذهب

مسلمان؛ 66.37 سيڪڙو هندو ؛ 32.73 سيڪڙو ڪرسچن؛ 0.50 سيڪڙو ٻيا ؛ 0.12 سيڪڙو

آمدورفت

ميرپورخاص کي روڊ ۽ ريل رستي رسي سگھجي ٿو.

پڻ ڏسو

سکر

گھوٽڪي

خيرپور

نوشهروفيروز

پراڻو نواب شاهه نئون بينظير آباد

حيدرآباد ڊويزن

حيدرآباد

دادو

بدين

ٺٽو

ميرپور خاص ڊويزن

ميرپور خاص

سانگهڙ

عمرڪوٽ

ٿر پارڪر

ڪراچي ڊويزن

ڪراچي

ڪراچي ڏکڻ

ڪراچي اولهه

ڪراچي اوڀر

ڪراچي ملير


پڻ ڏسندا

خارجي ڳنڍڻا

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.