ميٿيو، حواري(انگريزي: Matthew the Apostle) يا متي جنھن کي سينٽ ميٿيو جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. عيسائي بائيبل مطابق ھي عیسیٰ مسیح جي ٻارھن حوارين(انگريزي: Apostles) مان ھڪ ھيو ۽ ھڪ عيسائي روايت مطابق عيسائين جي چئن انجيلي فرقي وارن مان ھڪ ھيو.

ترت ڄاڻ سينٽ ميٿيو، حواري Saint Matthew the Apostle, حواري( عیسیٰ جو حواري)، انجيلي فرقي وارو(انگريزي: Evangelist) ۽ شھيد. ...
سينٽ ميٿيو، حواري
Saint Matthew the Apostle
Thumb
سينٽ ميٿيو دي اينجل از: گئڊو ريني
حواري( عیسیٰ جو حواري)، انجيلي فرقي وارو(انگريزي: Evangelist) ۽ شھيد.
تاريخ پيدائش پھرين صدي عيسوي
ڪيپرنئم[1]
تاريخ وفات پھرين صدي عيسوي
ھائرپولس جي ويجھو يا ايٿوپيا,سندس تبرڪات سيليرنو اٽلي ۾ دفنايل اٿس
قابل احترام ايسٽرن آرٿوڊڪس چرچ,
رومن ڪيٿولڪ چرچ,
ايسٽرن ڪيٿولڪ چرچ,
اوريئنٽل آرٿوڊڪس چرچ,
چرچ آف دي ايسٽ,
اينگليڪن ڪميونين,
لوٿرن ازم
تعظيم ۽ تڪريم پري- ڪانگريگيشن
اهم مزار تبرڪات سيليرنو، اٽلي
ضيافت 21 سيپٽمبر
خصوصيتون عيسائين واري شھادت
بند ڪريو

نئون عھدنامو


Thumb
بوڊليئن لائبريري ۾ رکيل 1609 ۾ آرمينيائي گاسپل جي ھڪ جلد ۾ رڱيل ميٿيو جي تصوير

عیسیٰ مسیح جي شروعاتي حوارين مان ھڪ ھيو جيڪو ڪيپرنئم ۾ ڪسٽم جي وصولي ڪندڙ ملازم ھيو جنھن کي سڏ ٿيو تہ عیسیٰ مسیح جي پيروي ڪري.[2]


ابتدائي زندگي

Thumb
ڏکڻ ڪيليفورنيا جي شھر چارليٽ ۾ سينٽ ميٿيو جي جرمن لوٿرن چرچ ۾ سينٽ ميٿيو جي تصوير

ھن لاء خيال آهي تہ رومي سلطنت جي صوبي جوڊيا(انگريزي: Judea) يا ايوڊيا(انگريزي: Iudaea province)کان ٻاهر واقع شھر گئليلي(انگريزي: Galilee) ۾ پيدا ٿيو ۽ الفيئس جو پٽ ھيو.[3] ھن آرامي(انگريزي: Aramaic) ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ ٽيڪس جي وصولي جي نوڪري حاصل ڪيائين. [4][5][6][7]ھن جا ھم مذھب يھودي ھن جي ان نوڪريءَ تي ساڻس حقارت ڪندا ھيا ڇو تہ اھا نوڪري قابض رومين جي مدد ھئي جي مترادف ھئي. [8]

Thumb
سينٽ ميٿيو کي سڏ ٿيڻ وارو منظر 1600 ۾ ٺاھيل ڪاراوئگيو جي پينٽنگ ۾ ڏيکاريل

کيس سڏ ٿيڻ کان اول ميٿيو عیسیٰ مسیح جي پنھنجي گھر ۾ دعوت ڪئي هئي. ان دعوت ۾ شرڪت تي يھودي ڪاتبن ۽ سماجي گروھ فارسييز عیسیٰ مسیح تي تنقيد ڪئي ھئي تہ ان ٽيڪس اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جي ماني کاڌي آھي. ان تنقيد جو عیسیٰ مسیح جواب ڏيندي چيو ھو تہ:

مان نيڪوڪارن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ آيو آھيان تہ جيئن توبھ ڪن.

حواري واري حيثيت

Thumb
انڊيا جي شھر پانڊيچري ۾ سينٽ ميٿيو چرچ جي ھڪ ٺلھ جو ھيٺيون حصو


نئين عھدنامي ۾ ھن جو ذڪر عیسیٰ مسیح جي ٻارھن حوارين ۾ ٿيل آهي ۽ کيس عیسیٰ مسیح جي وري زندہ ٿيڻ ۽ سندس آسمان ڏانھن کڄڻ جو شاھد قرار ڏنو ويو آهي.[9] .[3] حواري جيروسلم ۾ ئي ترسيا ۽ اعلان ڪيائون تي عیسیٰ ئي اھو مسيح ھيو جنھن جي آڻڻ جو خدا واعدو ڪيو هو.يھودين جي تلمود ۾ لکيل آهي تہ ’متي' يسوع(انگريزي: Jeshu) جي پنجن حوارين مان ھو. [10] بعد ۾ چرچ جي پادرين جھڙوڪ: ارينيئيس ۽ اليگزينڊريہ جي ڪليمنٽ دعویٰ ڪئي ھئي تہ ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ کان اڳ ميٿيو جوڊيا(انگريزي: Judea) جي يھودين ۾ گاسپل جي تبليغ ڪئي ھئي.ٻين ملڪن واري ڳالھ سان وري قديم ليکڪن جو اختلاف آهي.[3] رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ آرٿوڊڪس چرچ ان روايت برقرار رکيو آھي تہ ميٿيو کي شھيد ڪيو ويو ھو. [11][12] جيتوڻيڪ ان روايت کي ٻين صدي عيسويءَ ۾ گناسٽڪ ھيريٽڪ(انگريزي: gnostic heretic) ھيراڪليئن(انگريزي: Heracleon) رد ڪري چڪو هو[5]

ميٿيو جو انجيل


Thumb
ريمبرانڊٽ پاران 1661 ۾ سينٽ ميٿيو ۽ ملائڪ جي رڱيل تصوير

ميٿيو جو انجيل(انگريزي: Matthew's Gospel) ڪنھن نامعلوم جو لکيل آھي. ليکڪ جو نالو ڪتاب ۾ بہ ناھي لکيل. ان جي عبارت ۾ "ميٿيو مطابق.." لفظ بہ ٻين صدي عيسويءَ ۾ شامل ڪيا ويا.[13][14] ان انجيل جي ميٿيو سان منصوب ھجڻ جي روايت ٻين صدي عيسويءَ ۾ ھڪ عيسائي بشپ ھائراپولس جي پپائيس جي ھئي جنھن جو ذڪر چرچ جي ھڪ تاريخ نويس ايوسيبيئس ٽين صدي عيسويءَ ۾ ڪيو ھو جنھن مطابق ميٿيو عیسیٰ مسیح جون پيشنگوئيون ۽ چوڻيون عبراني ٻولي۾ لکندو ويو. [15][Notes 1] اھو بہ خيال آهي تہ ميٿيو ٻہ ڪتاب لکيا ھڪ عبراني ٻولي ۾ ۽ ٻيو يوناني ٻولي ۾ جن مان عبراني ٻولي وارو وڃائجي ويو.


ميٿيو جا غيرمستند انجيل


Thumb
روم ۾ سينٽ جان واري وڏي بيسييلڪا ۾ سينٽ ميٿيو جو مجسمو

ٽين صدي عيسويءَ ۾ يھودي عيسائين وارن انجيلن کي ميٿيو سان منصوب ڪيو ويو جن ۾ نظارين ۽ ايبئونائيٽز شامل آهن. انھن جا ڪجهه حصا قولن جي صورت ۾ جيروم ۽ ايپيفينئس ۽ ٻين محفوظ ڪيا. اڪثر تعليمي مطالعي نظارين (انگريزي: Nazarenes) جي 26 ڪتابي ٽڪرن ۽ ايبيئونيائي (انگريزي: Ebionites) واري 7 ڪتابي ٽڪرن ۾ فرق ظاھر ڪيو آھي. نقادي شارحن مطابق اھي ڪتابي ٽڪرا يوناني ٻولي ۾ لکيا ويا ۽ انھن جو تعلق ميٿيو سان آھي.[16] A اقليتي عالمن جو خيال آهي تہ اھي ٽڪرا درحقيقت اصل آرامي ٻولي واري يا عبراني ٻولي واري گم ٿي ويل انجيل جو حصو آھن. سوڊو ميٿيو وارو انجيل ستين صدي عيسويءَ جي ٽن ٻين لکڻين جو مجموعو آھي. اوريجن(انگريزي: Origen) جي مطابق سڀ کان پھريون ميٿيو انجيل لکيو ھو.[17]

Thumb
سيليرينو ڪيٿيڊرل جو تبرڪات وارو تھ خانو

ان انجيل کي عبراني ٻولي ۾ جيروسلم لڳ ڪتابي شڪل ڏني وئي ۽ ان جو يوناني ۾ ترجمو ڪيو ويو جيڪا ڪاپي وڃائجي وئي باقي عبراني ٻولي واري ڪاپي ڪئيسريئا واري عيسائي مرڪز جي لائبريري ۾ محفوظ ڪئي وئي جتان نظاري ڪميونٽي ھڪ ڪاپي جيروم لاء نقل ڪئي.[18] [19] ميٿيو جو انجيل عبرانين وارو انجيل سڏجڻ لڳ [20] يا ڪڏھن ڪڏھن ا حوارين وارو انجيل سڏبو هو.[21] اھو بي سمجھيو ويو تہ اھو انجيل بائيبل م موجود يوناڻي ميٿيو جو اصل آھي.[22]ان ھوندي به جديد عالمن ان کي چئلينج ڪيو.[23][24][25]نظاري عيسائين جو خيال ھيو تہ عبراني انجيل ميٿيو جو خود ترتيب ڏنل آهي.[26]

عقيدت

Thumb
سينٽ ميٿيو جو مجسمو

رومن ڪيٿولڪ، آرٿوڊڪس ۽ انجيلي لوٿرن چرچ ميٿيو کي سينٽ تسليم ڪندا آهن.[27] ھن جو فيسٽ مغرب ۾ 21 سيپٽمبر تي ۽ مشرق ۾ 16 نومبر تي ملھايو ويندو آهي.ھن جو مقبرو ڏکڻ اٽلي جي ساليرنو ڪيٿيڊرل ۾ واقع آهي. ٻين انجيلي حوارين وانگر ميٿيو کي فنون لطيف ۾ ڪافي ڏيکاريو ويو آهي.

اسلام ۾ حيثيت

Thumb
مغل بادشاھ لاءِ ڪيسوداس پاران 1530 ۾ ٺاھيل پينٽنگ جنھن م سينٽ ميٿيو کي انجيل لکندي ڏيکاريل ء پاسي ۾ ملائڪ ھڪ جلد جھلي بيٺل ڏيکاريل

قرآن ۾ عیسیٰ مسیح جي حوارين جو ذڪر ٿيل آهي پر انھن جا نالا ناھن ڏنل پر کين خدا جي ڪمن ۾ مددگار ڏيکاريو ويو آهي .[28] قرآن جي مفسرن(انگريزي: exegesis) تفسيرن ۾ حوارين ۾ ميٿيو جو نالو متي جي نالي سان ڏنو آھي.[29] قرآن جي مفسرن ان روايت کي محفوظ ڪيو ويو آھي تہ اينڊريو ۽ ميٿيو ٻئي حواري ھئا ۽ ايٿوپيا ( ايٿوپيا موجوده آفريڪي ملڪ نہ پر ڪيسپئن سمنڊ جي ڏکڻ وارو علائقو ھيو) خدا جي تبليغ لاء ويا ھئا.

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.