From Wikipedia, the free encyclopedia
قرارداد پاڪستان، لاهور ٺهراءُ (انگريزي: Pakistan Resolution ) اصل ۾ قرارداد لاھور جو نالو آهي جيڪا آل انڊيا مسلم ليگ جي لاھور ۾ 27ھين اجلاس ۾ پاس ڪئي وئي. اھو اجلاس قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ 22، 23 ۽ 24 تي مارچ 1940ع ۾ منعقد ٿيو ھو. 23 مارچ تي ان اجلاس ۾ بينگال جي پريميئر مولوي عبدالقاسم فضل حق پيش ڪئي. اھا قرارداد ظفرالله خان لکي[1][2][3]. ان اجلاس کي قائد اعظم خطاب ڪيو ھو. اسٽينلي وولپرٽ مطابق ان ڏينهن ھندو مسلم اتحاد جو پيغام ڏيندڙ جناح مڪمل طور تي تبديل ڪري ھڪ الڳ وطن لاء وڙھندڙ اڳواڻ ٿي ويو[4].
آل انڊيا مسلم ليگ لاهور ۾ منظور ٿيل: 22 کان 24 مارچ 1940ع).
قرارداد پاڪستان کانپوءِ 1946ع ۾ ليگ ڪنوينشن دهليءَ هن قرارداد جي وضاحت لاءِ هڪ تجويز منظور ڪئي. اهي ٻئي قراردادون ”مينار پاڪستان“ لاهور تي اڪريل آهن. 1946ع ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ان 1940ع واري ”قرارداد“ ۾ تبديلي آڻي، ”آزاد ۽ خود مختيار رياستن“ جي جاءِ تي ”هڪ رياست“ جو لفظ ڪم آندو ويو. 1946ع واري دهلي قرارداد: قرارداد پاڪستان جي وڌيڪ تشريح هن ليگ ڪنوينشن جي هڪ قرارداد ۾ مرڪزي ۽ صوبائي قانون ساز مجلس جي چونڊيل ميمبرن گڏيل راءِ سان ڪئي، جيڪا قائداعظم جي صدارت ۾ 9 اپريل 1946ع تي دهليءَ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ٻين مامرن مان صرف هي نڪتو واضح ڪيو ويو تہ: ’هندستان جي اتر اڀرندي ۾ بنگال ۽ آسام ۽ اتر الهندي ۾ پنجاب، صوبو سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان، يعني مسلم اڪثريت وارا علائقا آهن، اتي واحد ۽ خود مختيار مملڪت جي تشڪيل ڪئي وڃي ۽ ان امر جو واضح اعلان ڪيو وڃي تہ پاڪستان جو قيام بنا دير عمل ۾ آندو وڃي.
سنڌ کي باضابطه پهرين اپريل 1936ع تي بمبئي پريزيڊنسي کان الڳ ڪيو ويو. 1937ع ۾ عام چونڊون ٿيون[5]. 1938ع ۾ سنڌ برصغير هندستان جو پهريون صوبو هو، جنهن جي قانون ساز اسيمبلي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته ان وقت پنجاب جا ٽوانه، ممدوٽ، نون، دولتانه وغيره ته مسلم ليگ ۽ قائد اعظم جا مخالف هئا، 1937ع جي چونڊن ۾ سموري متحده پنجاب مان صرف ٻه مسلم ليگي ميمبر چونڊجي سگهيا هئا، هڪ ملڪ برڪت علي ٻيو راجا غضنفر علي[5]. جڏهن ته مسلم ليگ جي مقابلي ۾ انگريزن سان ويجهڙائپ رکندڙ پارٽي يونينسسٽ پارٽي اڪثريت سان کٽيو هو، مسلم ليگ جي حامي کٽيل ٻن ميمبرن مان به هڪ راجا غضنفر پارلياماني سيڪريٽري عهدو ملڻ تي مسلم ليگ ڇڏي ويو هو، جڏهن ته نواب مظفر علي قزلباش اڳ ئي مسلم ليگ ڇڏي چڪو هو[5]. لاهور ان وقت گڏيل پنجاب جي گادي وارو هنڌ هو ۽ پنجاب تي حڪمراني ڪندڙ يونينسسٽ پارٽي ته پاڪستان جي قيام جي مخالف هئي. لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اهو اجلاس ٽي ڏينهن هليو، اجلاس کان چار ڏينهن اڳ لاهور ۾ هڪ سانحو پيش آيو، جڏهن علامه مشرقي جي خاڪسارن پابندي ٽوڙي لاهور ۾ پريڊ ڪئي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اٽڪل پنجٽيهه خاڪسار مارجي ويا هئا، اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ لاهور وارو اجلاس شروع ٿيو[5]. 23 مارچ 1940ع تي لاهور جي منٽو پارڪ ۾ شروع ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪنوينشن ۾ شير بنگال اي ڪي فضلِ حق هڪ قرارداد پيش ڪئي ته، ” برصغير جا اهي علائقا جتي مسلمانن جي عددي اڪثريت آهي، مثلا اتر اولهه، اتر اوڀر هندستان انهن جي جاگرافيائي حد بندي ۽ جداگانه تصور کي تسليم ڪندي انهن کي آزاد مملڪتون مڃيو وڃي، انهن کي خودمختياري ۽ حاڪميت اعليٰ جو حق حاصل هوندو [5]. 23 مارچ 1940ع واري لاهور قرارداد ۾ ڪٿي به پاڪستان نالي ملڪ جو ذڪر ئي ڪو نه ٿيل آهي، قائد اعظم محمد علي جناح جي زير صدارت ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگ جي ان اجلاس ۾ سموري متحده هندستان جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان قرارداد جي چوڌري خليق الزمان، پنجاب مان مولانا ظفر علي خان سرحد مان سردار اورنگزيب خان، سنڌ مان سائين جي ايم سيد ۽ سر عبدالله هارون ۽ بلوچستان مان قاضي عيسيٰ تائيد ڪئي ۽ پوءِ سموري ڪنوينشن ان جي منظوري ڏئي ڇڏي، چوڻ وارا چون ٿا ته ان قرارداد جو ڊرافٽ سر سڪندر حيات جي مرضي سان لکيو ويو هو، جنهن آزاد ٿيندڙ تمام مسلم اڪثريتي علائقن جي فيڊريشن بجاءِ ڪنفيڊريشن جي تجويز پيش ڪئي هئي، پر مسلم ليگ تي قابض هڪ گروهه جي دٻاءُ ۾ اچي ان وقت جي مسلم ليگي قيادت ڪنفيڊريشن جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن جي ردعمل طور پنجاب جي وزير اعظم سر سڪندر حيات 11 مارچ 1941ع تي پنجاب اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته، ”اسان کي اها آزادي نه کپي جو هڪ حصي تي مسلمانن جو راڄ هجي ۽ ٻئي حصي تي هندن جي حڪومت هجي، جيڪڏهن پاڪستان جي معنيٰ اها ئي آهي ته پوءِ اسان جو اهڙي آزادي سان ڪو تعلق ڪونهي، اسان کي پنجاب لاءِ صحيح معنيٰ ۾ آزادي کپي، جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ پنجاب، پنجاب ئي رهندو، پنجن دريائن جو ديس جيڪو هميشه کان رهندو آيو آهي، سندس اهڙي تقرير تي پنجاب اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر احتجاج نه ڪيو[5]. 3 مارچ 1943ع تي سائين جي ايم سيد سنڌ اسمبلي مان پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائي[5]. اڳتي هلي سن 1946ع ۾ دهلي جي آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس ۾ چوڌري خليق الزمان هڪ ترميمي قرارداد پيش ڪندي، آزاد خودمختيار، جداگانه، مسلم رياستن واري تصور کي ختم ڪندي هڪ الڳ ملڪ پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي، ان اجلاس ۾ 23 مارچ 1940ع تي لاهور واري قرارداد پيش ڪندڙ شير- بنگال مولوي فضل حق کي سڏائڻ ته ٺهيو مورڳو ان کي مسلم ليگ مان ئي خارج ڪيو ويو[5]. چوڌري خليق الزمان جڏهن دهلي ڪنوينشن ۾ پاڪستان واري قرارداد پيش ڪئي ته هڪ بنگالي اڳواڻ ابوالاهاشمان ان تي سخت احتجاج ڪيو ته 23 مارچ واري قرارداد ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم قبول نه ڪئي ويندي، اهو فيصلو آزاد ٿيندڙ مسلم اڪثريتي رياستن تي ڇڏيو وڃي ته هو پاڪستان جوڙين ٿيون يا خودمختيار حيثيت ۾ رهڻ چاهين ٿيون، پر ان بنگالي اڳواڻ ابو الاهاشم کي اجلاس مان ئي تڙي ڪڍيو ويو[5].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.