قبرص، ڪپرس يا سائپرس :(انگريزي: Cyprus ) جنھنکي ريپبلڪ آف سائپرس بہ چوندا آهن ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو پکيڙ ۽ آبادي ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ٽئين نمبر وڏي ٻيٽ تي مشتمل آهي.[7] [8] ھي ملڪ ترڪي جي ڏکڻ ، شام ۽ لبنان جي اولھ ، اسرائيل ۽ فلسطين جي اتر اولھ ۽ مصر جي اتر ۾ واقع آهي. قبرص ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ھڪ وڏو سياحتي مقام آھي[9][10][11] ۽ اھو ترقي يافتہ ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ آھي.[12] جنھن جي آمدني تمام وڏي آھي ۽ انساني ترقي جو اشاريو بہ تمام مٿي اٿس[13][14] ھي ملڪ 1961 کان قومن جي ڪامن ويلٿ جو رڪن آهي ۽ غير جانبدار تحريڪ جو باني ملڪ ھيو ۽ پھرين مئي 2004 ۾ ھي ملڪ يورپي يونين۾ شامل ٿي ويو.[15] پھرين جنوري 2008 ۾ ھي ملڪ يورو زون ۾ شامل ٿيو.
جمھوريہ قبرص
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: Ὕμνος εἰς τὴν Ἐλευθερί]]( يوناني ٻوليءَ ۾ قومي ترانو 1966 وزيرن جي ڪائونسل منظور ڪيو هو) .[1] | |||||
قبرص جو مقام ( ھيٺين ساڄي پاسي واري تصوير) ريپبلڪ آف قبرص تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل جنھن ۾ اتر قبرص واري پاڻمرادو اعلانيل ريپبلڪ ھلڪي سائي رنگ ۾ ۽ باقي يورپي يونين وارو ھنڌ جھيڻي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل. | |||||
گادي جو هنڌ | نڪوسيا 35°10′N 33°22′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | نڪوسيا | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
اقليتي ٻوليون |
| ||||
مقامي ٻوليون |
| ||||
نسلي گروھ |
| ||||
مقامي آبادي | قبرصي يا سائپريٽ | ||||
حڪومت | وحداني رياست صدارتي نظام آئيني ريپبلڪ | ||||
• صدر |
نڪوس ايناسٽاسياڊز | ||||
• نائب صدر |
خالي [3] | ||||
• پارليامينٽ جو صدر |
ديميترس سلئورس | ||||
"آزادي جي ثنا " | |||||
مقننه | ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز | ||||
آزادي : يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين | |||||
• لنڊن زيورچ معاھدا |
19 فيبروري 1959 | ||||
• آزادي جو اعلان |
16 آگسٽ 1960 | ||||
• خودمختياري جو ڏينهن |
1 آڪٽوبر 1960 | ||||
• يورپي يونين ۾ شرڪت
|
1 مئي 2004 | ||||
پکيڙ | |||||
• ٽوٽل[4] |
9٬251 km2 (3٬572 sq mi) (162nd) | ||||
• پاڻي (%) |
9 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
1,70,125 ( اتر قبرص سميت) (158th) | ||||
• 2011 مردم شماري |
838,897 (اتر قبرص کان بغير) [5] | ||||
• گھاٽائي |
[اوزا تبديل: invalid number] (82nd) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$35.970 ارب ڊالر[6] (126th) | ||||
• في سيڪڙو |
$41,572[6] (35th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$24.996 ارب ڊالر (114th) |
تاريخ
قبرص جي تاريخ ھزارين سال پراڻي پٿر جي نئين دؤر واري آھي. اھو دنيا جي قديم ترين کوھن جي سرزمين پڻ آهي.[16] ھزارين سال اڳ ھن ملڪ جي ڌرتي تي يونان جي علائقي ميڪينيا جا ماڻھو اچي آباد ٿيا. ان جي اھم جاگرافيائي مقام جي ڪري مختلف دؤرن م مختلف سامراجن ان تي قبضو ڪندا رھيا. نئين اشور جي ايمپائر جي قبضي بعد مصر جي ايمپائر ان تي قابض ٿي. ان بعد ايران جي اڪيميني ايمپائر ان تي قبضو ڪيو جنھن کان 333 ق م ۾ سڪندراعظم قبضو کسيو. بعد ۾ مصر جي ٽالمي ايمپائر ان تي قابض ٿي. ان بعد رومن ايمپائر ۽ پوء بازنطيني ايمپائر، پوء ٿورڙو عرصو عربن جي خلافت، پوء فرانس جي لوزنيان گھراڻي جي قبضي ۾ رھيو. ان بعد وينس جي ريپبلڪ جنھن کان پوءِ خلافت عثمانيه لاڳيتو ٽي صديون 1571 کان 1878 ۽ قانون مطابق 1914 تائين قبرص تي قابض رھي. .[17] شروع ۾ قبرص واري ڪنوينشن مطابق 1878 کان قبرص برطانيا جي نگراني ۾ رھيو ۽ 1914 ۾ باقاعده برطانيا ۾ شامل ڪيو ويو جڏھن تہ 1950 واري ڏھاڪي ۾ ان جي 18 سيڪڙو ترڪ آبادي اتر قبرص م علحده رياست قائم ڪري ڇڏي. ترڪي بہ قبرص جو دعويدار رھيو آھي ۽ ان کي اناطوليہ جو حصو سمجھي ٿو. ارڙھين صدي کان قبرص جا يوناني ڳالھائيندڙ آرٿوڊڪس ڪليسا سان تعلق رکندڙ ماڻھو قبرص کي يونان جي حصي ھجڻ جي دعوي ڪندي ان جي يونان سان الحاق جو مطالبو ڪن ٿا. [18][19][20] 1960 ۾ لنڊن زيورچ معاھدن جي روشني ۾ قبرص کي آزادي ملي.[21] 1963 ۽ 1964 ۾ ھتي يوناني ۽ ترڪ ٻوليون ڳالھائيندڙن جي وچ ۾ نسلي فساد ٿيا جنھن ڪري اٽڪل 25000 ترڪن کي پنھنجا گھر ڇڏي ٻين ھنڌن تي منتقل ٿيڻو پيو جنھن سان ترڪن جي ريپبلڪ ۾ نمائندگي ختم ٿي وئي. 15 جولاءِ 1974 تي قبرص جي يوناني قومپرستن جي مدد سان ھن ملڪ م فوجي بغاوت ٿي .[22][23] [24] جيڪا قبرص کي يونان ۾ شامل ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ھئي جنھن تي ترڪي 20 جولاءِ تي قبرص تي حملو ڪري اندر فوج ڪاھي آيو [25] جنھن سان اتر قبرص ان جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ آگسٽ م جنگبندي عمل ۾ آئي ۽ تقريبن 150000 قبرص جي يوناني ماڻھن کي اتر قبرص ڇڏڻو پيو [26][27] ۽ لڳ ڀڳ 50000 ترڪ ريپبلڪ ڇڏي اتر قبرص منتقل ٿي ويا.[28] 1983 ۾ اتر قبرص ۾ ھڪ علحده رياست جي قيام جو ھڪ طرفو اعلان ٿيو جنھن جو نالو ٽرڪش ريپبلڪ آف نادرن سائپرس يعني اتر قبرص جي ترڪن واري جمھوريہ رکيو ويو جنھنجي بين الاقوامي برادري ۾ مخالفت ڪئي وئي رڳو ترڪي ان نئين رياست جي خودمختياري کي تسليم ڪيو. ريپبلڪ آف قبرص جو اقتدار پوري ملڪ تي قانونن تسليم شده آھي سواء اڪروٽري ۽ ڌيڪيليا واري علائقي جي جتي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو اڏو آھي ۽ ان تي لنڊن زيورچ معاھدن تحت برطانيا جو حق تسليم ٿيل آھي. قبرص جي ان قانوني حيثيت باوجود درحقيقت قبرص ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي. قبرص جو 59 سيڪڙو حصو ريپبلڪ آف قبرص جي قبضي ۾ آھي ۽ ان جو اتريون باقي 36 سيڪڙو حصو [29] پاڻمرادي اعلانيل ترڪ جمھوريہ جي قبضي هيٺ آھي ۽ ٻنھي جي وچ ۾ چار سيڪڙو علائقو اقوام متحده جي قبضي ھيٺ بفرزون آھي. [30][31][32]
سياسي نظام
1960 واري آئين مطابق قبرص ھڪ صدارتي ريپبلڪ آھي. رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ملڪ جو صدر آھي جنھن کي سڌو سنئون ملڪ جو عوام پنجن سالن لاءِ چونڊيندو آهي. ملڪ م قانونسازي جو اختيار ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز وٽ آهي. ملڪ جي عدالت حڪومت ۽ انتظاميه کان آزاد آهي. ملڪ جي صدر آئين مطابق يوناني ۽ نائب صدر ترڪ ھوندو. 1965 جي نسلي فسادن بعد ترڪ نسل وارن جون پارليامينٽ يا ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز ۾ نشستون لاڳيتو خالي آھن. 1974 م ھي ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. 1985 م اتر قبرص جي ترڪ جمھوريہ پنھنجو آئين ٺاھي پھريون دفعو چونڊون ڪرايون پر ان باوجود گڏيل قومون قبرص جي ريپبلڪ جو اختيار پوري ٻيٽ تي تسليم ڪري ٿي
ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز ۾ 59 چونڊيل رڪن آھن جن مان 56 عام چونڊن ذريعي ۽ 3 متناسب نمائندگي جي بنياد تي آرمينيائي، رومن ڪيٿولڪ ۽ مئروني شھرين مان بطور مشاھدو ڪندڙ رڪن شامل آهن. 24 سيٽون ترڪن لاء مخصوص ٿيل آھن جيڪي 1964 کان وٺي خالي رھنديون اچن پيون. [33]
انتظامي ورهاست
ريپبلڪ آف قبرص ڇھن ضلعن: نڪوسيا ، فيماگسٽا، ڪرينيا، لارناڪا، ليماسول ۽ پافوس ۾ ورھايل آھي .[34]
حوالا
Wikiwand in your browser!
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.