From Wikipedia, the free encyclopedia
شجاع آباد تعلقو (اُچار: شُجاباد تالُڪو) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ميرپور خاص جو هڪ تعلقو آهي. هن تعلقي کي ڊسمبر 2013 ۾ بڻايو ويو، جڏهن ته شجاع آباد نالي ڪوبه ڳوٺ يا ديهه هن تعلقي ۾ موجود ناهي. بلڪه هي تعلقو سنڌ جي اڳوڻي زراعت جي وزير سيد علي نواز شاهه جي والد شجاع محمد شاهه جي نالي تي پيپلز پارٽي جي جيالن جي مطالبي سان جوڙيو ويو آهي.[1] هن تعلقي جو وڏو شهر ميرواھ گورچاڻي آهي، پر تنهن جي هوندي به علي نواز شاه جي جي مطالبي سان تعلقي جو گاديءَ جو هنڌ علي نواز شاهه ڳوٺ کي ڪيو ويو آهي.
شجاع آباد | |
---|---|
تعلقو | |
تعلقه شجاع آباد | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 25°18′N 69°03′E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ميرپورخاص ضلعو |
قيام | ڊسمبر 2083 |
يونين ڪاؤنسلون | 3 |
شجاع آباد تعلقي ۾ 3 يونين ڪاؤنسلون آهن جن جي ڪل آبادي 2015 ۾ ٿلهي ليکي 1 لک 17 هزار آهي.
يونين ڪاؤنسل | آبادي | |
---|---|---|
1 | ميرواھ گورچاڻي | 39,039 |
2 | مکڻ سمو | 40,824 |
3 | جِهلورِي | 37,704 |
ڪل | 1,17,567 |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.