From Wikipedia, the free encyclopedia
اسلام کان اڳ سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ وارا راجا پاڻ کي راء جي نالي سان سڏرائيندا هئا ۔ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هجرت کان اڳ سنڌ ۾ راء گهراڻي جي حڪومت هئي ، جيڪا تقريبا ڏيڍ سو سال قائم رهي۔
راء خاندان جو پهريون راجا راء ديوانج هيو۔ پر جنهن وقت پاڻ ڪريم صلي الله واليه وسلم جن جڏهن مڪي کان مديني هجرت ڪئي ت ان وقت سنڌ ۾ راء سيهرس ٻئي جي حڪومت هئي ۔ ۽ ان وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ الور (اڙور) شهر هو ۔ تاريخدانن مطانق هن شهر ۾ عاليشان ماڙيون ، باغ ، باغيچا ، آباد زمينون ۽ وڻ ٽڻ ھئا ۔ جنهن سان شهر پر رونق هو ۔ راجا سيهرس وڏو ناڻي وارو ۽۽ نيڪ انسان هو ، سندس سخاوت ۽ انصاف انسان پروري ڪري رعيت ڏاڍي رغبت ۽ محبت رکندي هيس۔
1۔ راء ديوائج
2۔ راء سيهرس
3۔ راء ساهسي
4۔ راء سيهرس
5۔ راء ساهسي ٻيو
6۔ راسيهرس ٻيو
راجاسيهرس پنهنجي دور ۾ سنڌ ملڪ کي چئن صوبن ۾ ورهايو هو۔
1۔ برهمڻ آباد : ان صوبي ۾ نيرون ڪوٽ ، ديبل ، لوهاڻا ، لاک ۽ سما ضلعا شامل ھئا۔
2۔ سيوستان : جنهن ۾ ٻوڌيا (ٻوڌپور) جنڪان (جمنڪان) ، رونجهان ( روجيان) ، ۽ پايا جبل کان وٺي مڪران جي سرحد تائين وارو علائقو شامل هو
3. اسڪلنده ، ڀاٽيا ، تلواڙو ، چچپور ، ۽ ديوهپور ، جي ڪجهه زمين شامل هئي۔
4۔ملتان ، ملتان جي ماتحت سڪا، برهمپور ، ڪرور ، اشهار ۽ تاڪيا کان وٺي ڪشمير جي حد تائين جا علائقا هئا ۔ ۽ صوبي جي سرحد ڪشمير سان وڃي ملندي هئي۔
مٿين صوبن جا الڳ الڳ گونر مقرر هئا ۔ جيڪي صوبي جو انتظام هلائيندا هئا ۔ ۽ راجا طرفان انهن کي ملڪ حفاظت ۽ عوام جي ڀلائي لاء خاص هدايتون ڏنل هونديون هيون ۔ راجا پاڻ الور ۾ رهندو هو ۽ ڪردارن ، ڪيڪانان ، ۽ برهاس شهر سندس نگراني هيٺ هو ۔
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.