حيدرآباد، سنڌ
پاڪستان جي صوبي سنڌ جو ٻيون وڏو شھر / From Wikipedia, the free encyclopedia
حيدرآباد (انگريزي ٻولي: Hyderabad) پنهنجي اوائلي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بہ رهي چڪو آهي. هيءُ ڪلھوڙن جي صاحبي (دور حڪومت) کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريزَ سنڌ تي قابض نہ ٿيا، جن اچي ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي بڻايو. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان اڳ، حيدرآباد کي پرڳڻي جو پيرس سڏيو ويندو هو.
Hyderabad حیدر آباد | |||
---|---|---|---|
ميٽروپولس | |||
| |||
پاڪستان ۾ مقام | |||
جاگرافي بيهڪ: 25°22′45″N 68°22′06″E | |||
ملڪ | پاڪستان | ||
صوبو | سنڌ | ||
ضلعو | حيدرآباد | ||
سب ڊويزنن جو تعداد | 5 | ||
يونين ڪائونسلن جو تعداد | 20 | ||
حڪومت | |||
• قسم | ميونسيپل ڪارپوريشن | ||
• ميئر | طيب حسين | ||
• ڊپٽي ميئر | سھيل محمود مشھدي | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 319 ڪ.م2 (123 ميل2) | ||
بلندي | 13 ميل (43 ft) | ||
آبادي (2017 مردم شماري)[1] | |||
• ڪل | 1,732,693[2] |
اُهو 59 – 1758ع وارو وقت هو جو سالن جي بيتابي کانپوءِ درياءُ، هالن ۽ نصرپور کان ويندي هيٺ تائين، اٽڪل هڪ سئو ميل، پنهنجو اصلوڪو ٻيٺ ڇڏي، هالن کان سڌو ڏکڻ طرف رخ رکي، نيرون ڪوٽ جي الهندي کان وهڻ لڳو، جتان اڄ ڏينهن تائين وهندو رهي ٿو. انهي ءَ تبديلي سببان ڏکڻ طرف درياھ جو ست ميل ڊگهو ”ريڻ“ پاٽ سُڪي ويو، ۽ نئون ”ڦليلي“ ڦاٽ، نيرون ڪوٽ کان سترهن ميل کان اُتران نڪري، انهيءَ وسندي جي اوڀر کان وهڻ لڳو. نصرپور واري ڇڏيل پيٽ ۾ شايد آبڪلاڻي وقت اُٿل جو پاڻي ايندو رهيو، پر جيئن عرصو گذرندو رهندو، تيئن اهو پٽ ڦٽندو ويو. انهيءَ ڪري نصرپور وٽان درياءَ جي رخ بدلائڻ کان چار سال کن پوءِ، جڏهن ميان غلام شاھ ”شاهپور“ کي ڇڏي پنهنجي گاديءَ لاءِ نئين جڳھ جي ڳولها ڪئي ته قديم نيرون ڪوٽ، واري وسندي کيس هر خيال کان موزون لڳي. اُلهندي طرفان درياءَ جو نئون پيٽ، تہ اڀرندي طرف ڦليلي جو ڦاٽ هئس. ٽڪر واري ايراضي مٿان هئي، انهي ڪري ٻوڏ جو جوکو بلڪل ئي ڪونه نظر آيو. انهي ڪري مهيني ذي القعد 1182ھ (جنوري 1789ع) ۾،قديم نيرون ڪوٽ واري ايراضي تي نئين قلعي ٻڌائڻ جي تجويز ڪئي ويئي هئي ۽ يڪدم ڪم شروع ٿي ويو.[3] اھڙي طرح پراڻي نيرون ڪوٽ جي علائقي ۾ ھن نئين شھر جو بنياد پيو