پاڪستاني سياستدان From Wikipedia, the free encyclopedia
بيگم اشرف عباسي (انگريزي: Ashraf Ababsi) سنڌي سياستدان هئي، جيڪا پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي پهرين عورت ڊپٽي اسپيڪر مقرر ٿي.[1] هي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي تمام ويجهي هئي. هي اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ۾ 1962 کان 1965 تائين رڪن رهي. هن بعد ۾ پ پ پ ۾ شوليت اختيار ڪئي ۽ 1970ع جي چونڊن ۾ سوڀاري ٿي.[2][3]
اشرف عباسي | |
---|---|
ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي | |
عهدو سنڀاليو 1973–1977 | |
رڪن قومي اسيمبلي | |
عهدو سنڀاليو 1962–1965 | |
ذاتي تفصيل | |
وفات | 4 آگسٽ 2014 لاڙڪاڻو |
قوميت | پاڪستاني |
سياسي جماعت | پاڪستان پيپلز پارٽي |
ٻار ٻچا | صفدر علي عباسي (پٽ) |
مادر علمي | ڊائو ميڊيڪل ڪاليج |
ڪرت | سياستدان |
پيشو | طبيب |
ڪتاب | جيڪي هلن هيڪليون (آتم ڪٿا) |
هن شروعاتي تعليم 1940ع ۾ ڏيارام ڄيٺمل سائنس ڪاليج، ڪراچي مان مڪمل ڪئي. وڌيڪ تعليم هن دهلي جي ليڊي هارنج ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪئي. هن ايم بي بي ايس جي سند ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. هن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ڪلينڪ به کولي ۽ هن لاڙڪاڻي جي سول اسپتال ۾ به ڪم ڪيو. هن تعليم جي واڌري لاءِ ڪم پڻ ڪيو. هي 4 آگسٽ 2014ع تي وليد ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري وئي. هن ٽن پٽن صفدر علي عباسي، منور علي عباسي ۽ اختر علي عباسي جي امڙ هئي.[2][3]
عباسي اولهه پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي 1962ع کان 1965ع تائين رڪن رهي. هي بعد ۾ پ پ پ ۾ شامل ٿي ۽ 1970ع جي چونڊن ۾ سوڀاري ٿي. هي 1973ع کان 1977ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي پهرين ڊپٽي اسپيڪر رهي. 1988 کان 1990ع تائين هي ٻيهر ڊپٽي اسپيڪر چونڊي وئي.[1] هن زيبسٽ لاڙڪاڻي جي چيئرپرسن، سنڌ يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي سيڊيڪٽ جي رڪن طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هي آئيني ڪاميٽي جي پڻ رڪن هئي. هن عريب عورتن جي مدد لاءِ مدر ٽرسٽ 1996ع تي قائم هئي.[2][3]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.