From Wikipedia, the free encyclopedia
اڱارو هفتي جو ٻيو ڏينهن آهي. اڱارو سومر ۽ اربع جي وچ وارو ڏينهن آهي.اڱارو = هن ڏينهن جو نالو سنسڪرت لفظ انگارڪ مان ورتو ويو آهي جنهن جون معنائون آهن.
هن ڏينهن جو گرھ مريخ آهي.
سنسڪرت منگلوار. منگل = منگل گرھ، Mars، مريخ + وار = ڏينهن. Tuesday. معنيٰ سدورو، سڀاڳو.[1]
’منگل‘ تان منگل خان، منگل مل، منگل راءِ. منگل
هفتي جو ٽيون ڏينهن جنهن کي هندو منگلوار چون، -اڱارو- هڪ قديم سنڌي لفظ آهي. -ان- سان ملندڙ لفظ هندستان جي ٻين ٻولين جي قديم ادب مان به مليا آهن. جيئن راجسٿانيءَ ۾ ”آڱري وار“، مرهٽيءَ ۾ ”اڱاروار“ ۽ پراچين مهاراشٽر ۾ ”انگارء وار“، جيڪو -ان- ٻوليءَ جي ٻه هزار سال پراڻي ڪتاب ”ستسئي“ ۾ ڪم آيل آهي. سنسڪرت جي مشهور لغت ”امر ڪوش“ ۾ اهو ساڳيو لفظ ”انگارڪ وار“ معنيٰ ”منگلوار“ ڏنل آهي. -اڱارو- هندي لفظ منگل جي برابر آهي. منگل -آسمان- ۾ نظر ايندڙ ڳاڙهو تارو آهي، جنهن کي ’منگل ديوتا‘ جي حيثيت حاصل آهي. اهو ئي تارو قديم يونان ۽ روم جو “Mars” (ديوتا) آهي.[2]
انگريزي ۾ Tuesday جيڪو سيڪسنس ٻولي وران پنهنجي ديوتا Tiu يا Týr يا Tíw يا Tīwaz مان سندس نالي پٺيان سندس عبادت لاءَ ڏينهن کي Tuesday چوندا هئا.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.