ايريزونا
گڏيل رياستن جي ھڪ رياست / From Wikipedia, the free encyclopedia
ايريزونا (انگريزي: Arizona) آمريڪا جي گڏيل رياستن مان هڪ رياست آهي جيڪا آمريڪا جي پکيڙ جي لحاظ کان ڇهين وڏي رياست ۽ آباديءَ جي لحاظ کان چوڏهين وڏي رياست آهي. هن رياست جي گاديءَ جو هنڌ فينڪس (Phoenix) آهي جيڪو هن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر پڻ آهي. هن رياست جي اولھ ۾ آمريڪي رياستون نيوادا (Nevada) ۽ ڪيليفورنيا (California) موجود آهن جڏهن ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ هن جون سرحدون ميڪسيڪو جي سونورا (Sonora) ۽ باجا ڪيليفورنيا (Baja California) سان ملن ٿيون.
اسٽيٽ آف ايريزونا State of Arizona | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ايريزونا جي رياست ڳاڙهي رنگ سان آمريڪا جي گڏيل رياستن جي نقشي ۾ ڏيکاريل | |||||
گادي جو هنڌ | فينڪس | ||||
سڀ کان وڏو شهر | فينڪس | ||||
دفتري ٻوليون | انگريزي | ||||
مقامي ٻوليون. | *انگريزي ڳالهائيندڙ: 74.1 سيڪڙو
| ||||
مقامي آبادي | ايريزونين | ||||
حڪومت | جھموريت | ||||
• گورنر |
ريپبلڪن پارٽي جو ڊوگ ڊيوسي | ||||
• ليفٽيننٽ گورنر |
مشيل ريگن | ||||
• سينيٽر |
ٻئي ريپبلڪن پارٽيءَ جا:
| ||||
مقننه | ايريزونا ليجسليچر | ||||
سينيٽ جنھن ۾ رياست جا ٻہ ميمبر | |||||
ھائوس آف رپريزنٽٽيٽوز جنھن ۾ رياست جا 9 ميمبر جن مان 5 ريپبلڪن پارٽي جا ۽ 4 ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا آھن (2018) | |||||
قیام | |||||
• پراڻو نالو |
ايريزونا ٽيريٽري | ||||
• وفاق واري يونين ۾ شامل ٿيڻ جي تاريخ |
14 فيبروري 1912 | ||||
• سڀ کان وڏي ڪائونٽي |
ڪوڪونينو | ||||
پکيڙ | |||||
• |
295٬234 km2 (113٬990 sq mi) (ڇھون نمبر) | ||||
• پاڻي (%) |
0.35 سيڪڙو | ||||
آبادي | |||||
• 2017 اندازو |
7,016,270 (2017 est.) (14 نمبر) | ||||
• 2016 مردم شماري |
7,016,270 (2017 est. (آمريڪي رياستن ۾ نمبر) | ||||
• گھاٽائي |
22 /km2 (57.0 /sq mi) (33 رياستن ۾ نمبر) |
ايريزونا آمريڪا جي 48هين رياست آهي جنهن کي 14 فيبروري 1912ع تي آمريڪا جي رياست جو درجو ڏنو ويو. جيئن ته 14 فيبروري ”ويلنٽائن ڊي“ آهي انڪري هن رياست کي ”ويلنٽائن رياست“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. تاريخي طور تي ايريزونا ميڪسيڪو جي الٽا ڪيليفورنيا جو حصو هئي ۽ 1821ع ۾ آزاد ميڪسيڪو جو حصو بنجي وئي. 1848ع ۾ ميڪسيڪو آمريڪا جنگ کان پوءِ هن رياست جي وڏي حصي تي آمريڪا قبضو ڪري ورتو. 1853ع ۾ هن جو ڏاکڻيون حصو آمريڪا ميڪسيڪو کان خريد ڪري ورتو.
ڏکڻ ايريزونا جي موسم ريگستاني آهي. هتي اونهاري ۾ تمام گهڻي گرمي ۽ سياري ۾ ٺيڪ ٺاڪ سيءُ پوي ٿو. اترايريزونا ۾ گهاٽا ٻيلا، وڏا وڏا جبل، گهريون کاهيون ۽ لَڪَ (canyons) موجود آهن جتي اونهاري ۾ تمام گهڻي گرمي ۽ سياري ۾ برفباري ٿئي ٿي. هن رياست جي فليگشپ (Flagship)، الپائين (Alpine) ۽ توسان (Tucson) وارن علائقن ۾ برف تي ترڪڻ (Skiing) جون سهولتون موجود آهن. هتان جو گهرين کاهين ۽ جابلو لڪن تي مشتمل گرانڊ ڪينئون نيشنل پارڪ (Grand Canyon National Park) دنيا جي ستن عجائبات مان هڪ عجوبو آهي. هن علائقي ۾ ڪيترائي قومي ٻيلا، قومي پارڪ ۽ قومي يادگار ڏسڻ لاءِ ملندا.
هن رياست جي لڳڀڳ چوٿين حصي تي آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن (ريڊ انڊين) جا آستان موجود آهن[1]. خاص طور تي نواجو قبيلي جا اٽڪل ٽي لک ماڻهو هن رياست ۾ آباد آهن. هنن اصلوڪن رهواسين کي 1924ع تائين ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل نه هو. ڪجهه علائقن ۾ ته کين 1948ع تائين ووٽ جو حق حاصل نه هو[2].