![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/7/77/Flag_of_Algeria.svg/langsd-640px-Flag_of_Algeria.svg.png&w=640&q=50)
الجزائر
From Wikipedia, the free encyclopedia
الجزائر يا الجيريا (انگريزي: Algeria)i/ælˈdʒɪəriə/) مسلمانن جو ھڪ خودمختيار ملڪ آھي. ان جو سرڪاري نالو پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف الجيريا آھي، جيڪو اتر اولهه آفريڪا ۾ رومي سمنڊ جي ڪناري وٽ واقع آهي. ان جي گاديءَ جو هنڌ الجزائر شھر (Algeres) آهي جيڪو سندس سڀ کان وڏو شهر آهي ۽ ملڪ جي صفا اتر واري پاسي واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 23,82,741 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ھي پکيڙ ۾ دنيا جو ڏھون نمبر ۽ آفريقا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. اتر اولهه پاسي ھن جي سرحد تيونس سان، اوڀر پاسي لبيا، اولھ پاسي مراڪش، ڏکڻ-اولھ ۾ ويسٽرن صحارا جو علائقو، ماريطانيہ ۽ مالي واقع آھن، ڏکڻ-اوڀر ۾ نائيجر ۽ اتر رومی سمنڊ سان سرحدون ملنس ٿيون.
ترت ڄاڻ پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف الجيريا الجمهورية الجزائرية الديمقراطية الشعبية ⵜⴰⴳⴷⵓⴷⴰ ⵜⴰⵎⴳⴷⴰⵢⵜ ⵜⴰⵖⵔⴼⴰⵏⵜ ⵜⴰⴷⵣⴰⵢⵔⵉⵜ, گادي جو هنڌ ...
پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف الجيريا الجمهورية الجزائرية الديمقراطية الشعبية ⵜⴰⴳⴷⵓⴷⴰ ⵜⴰⵎⴳⴷⴰⵢⵜ ⵜⴰⵖⵔⴼⴰⵏⵜ ⵜⴰⴷⵣⴰⵢⵔⵉⵜ | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
![]() مڪانيت الجزائر (تيز سائو) | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | الجيريس 36°42′N 3°13′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | الجيريس | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
ٻيون ٻوليون | فرينچ انتظامي، واپاري ۽ تعليم [5] عربي (رابطي واري ٻولي) | ||||
نسلي گروھ | |||||
مذهب | اسلام | ||||
مقامي آبادي | الجيرين - الجزائري - الجييريائي | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي عوامي جمھوريہ | ||||
• صدر |
عبدالعزيز بوتيفلڪا | ||||
• وزيراعظم |
احمد اويحا | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
ڪائونسل آف نيشن | |||||
پيپلز نيشنل اسيمبلي | |||||
الجزائر يا الجيريا جي تاريخ | |||||
• قيام جو قومي ڏينھن |
202 BCE | ||||
• فرينچ الجيريا |
الجيريس تي چڙھائي کان: 5 جولائي 1830 | ||||
• فرانس کان آزادي جي جنگ |
3 جولائي 1962 | ||||
• تسليم ڪيو ويو |
5 جولائي 1962 | ||||
• موجوده آئين |
10 سيپٽمبر 1963 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
2٬381٬741 km2 (919٬595 sq mi) (10th) | ||||
• پاڻي (%) |
نہ جھڙو | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
42,200,000[6] (32nd) | ||||
• 2013 مردم شماري |
37,900,000[6] | ||||
• گھاٽائي |
15.9 /km2 (41.2 /sq mi) (208th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$666.960 billion[7] | ||||
• في سيڪڙو |
$15,758[7] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$197.629 billion[7] |
بند ڪريو
ھي ملڪ نيم صدارتي ريپبلڪ آهي ۽ ھن ۾ 48 صوبا، ۽ 1541 ڪميون يا ضلعا آهن. عبدالعزيز بوتيفلڪا سال 1999ع کان ھن ملڪ جو صدر بڻيو.
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/4/4e/Algeria_in_its_region.svg/640px-Algeria_in_its_region.svg.png)