هجري ڪئلينڊر
From Wikipedia, the free encyclopedia
هجري ڪئلينڊر يا اسلامي ڪئلينڊر(انگريزي: Islamic Calendar ) اسلامي سال ٻارھن مھينن تي مشتمل ھوندو آھي. اھو سج جي بدران چنڊ جي ڦيري جي گردش تي مشتمل ھوندو آھي[1]. ھن ڪيلينڊر جي ھر مھيني جي ابتدا حلالي چنڊ جي پھرين جھلڪ ڏسڻ سان ٿيندي آهي[1]. ھن ڪيلينڊر جو ھڪ سال 354.367056 ڏينھن تي مشتمل ھوندو آھي تنھنڪري ھر سال عيسوي ڪيلينڊر جي ڀيٽ ۾ 10 يا 11 ڏينھن اڳ ۾ شروع ٿيندو آهي[1]. دنيا جي مختلف محل وقوعن جي ڪري مختلف ھنڌن تي چنڊ جي پھرين جھلڪ ساڳي ڏينھن نظر نہ ايندي آهي جنھن ڪري اسلامي سال دنيا جي اندر ھرھنڌ ساڳي ڏينھن شروع نہ ٿيندو آهي[1].
ھن ڪيلينڊر جي ابتدا مسلمانن جي مڪي کان مديني طرف 622ع ۾ ٿيل ھجرت کان ٿي. ھن سال ۾ ٻہ مھينا رمضان ۽ ذوالحج وڏي اھميت وارا مھينا آھن. رمضان م روزا رکيا وڃن ٿا ۽ مھيني جي خاتمي سان عيدالفطر ملھائي ويندي آهي ۽ ذوالحج ۾ حج ٿيندو ۽ عیدالاضحی ملھائي ويندي آهي[1]. مسلمانن ۾ سني ۽ شيعا پيغمبر صه ، ان جي خاندان جي فردن، امامن ۽ اھم مذھبي شخصيتن جون پيدائش ۽ ورسي واريون تقريبون اسلامي سال جي تاريخن سان ملھائيندا آھن. شيعن ۾ يوم عاشور 10 محرم تي ملھايو ويندو آهي. پيغمبر صہ جي پيدائش 12 ربيع الاول تي ملھائي ويندي آهي. سعودي عرب ۽ مراڪش ۾ اسلامي ڪيلينڊر اتان جو سرڪاري ڪيلينڊر قرار ڏنل آھي. موجوده 2020 ۾ ھلندڙ ھجري سال 1441ھ آھی۔
هن ڪئلينڊر ۾ ٻارنهن مهينا ٿيندا آهن.