آزاد ڪشمير
پاڪستان جي زير انتظام علائقو / From Wikipedia, the free encyclopedia
آزاد ڪشمير رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو اھو حصو آھي جيڪو ھن وقت پاڪستان جي زير انتظام آھي۔ ان جو باقاعده نالو رياست آزاد ڄمون ۽ ڪشمير آھي جنھن تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ آھي۔ ھي علائقو 13،300 چورس ڪلوميٽر (5،135 چورس ميل) تي پکڙيل آھي۔ آزاد ڪشمير جي گادي جو ھنڌ مظفرآباد آھي۔ رياست آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي اندازاََ 40 لک آھي۔ ھتي پھاڙي، ھندڪو، گوجري، پنجابي ۽ پشتو ڳالھايون وڃن ٿيون۔ آزاد ڪشمير جي تعليمي شرح 65 سيڪڙو آھي۔
ترت ڄاڻ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير, ملڪ ...
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير | |||
---|---|---|---|
خودمختيار انتظامي علائقو | |||
شاردا شهر، وادي نيلم، آزاد ڪشمير. | |||
| |||
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير کي ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ باقي پاڪستان کي اڇي رنگ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ باقي ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان جي علائقائي دعوي سان علائقو ڏيکاريو ويو آهي. | |||
جاگرافي بيهڪ: 33°50′36″N 73°51′05″E | |||
ملڪ | پاڪستان | ||
ترانو | وطن اسان جو آزاد ڪشمير | ||
قائم | آڪٽوبر 24، 1947 (آزاد ڪشمير ڏينهن (يوم تاسيس)) | ||
گادي | مظفر آباد | ||
وڏو شهر | نئون ميرپور شهر | ||
حڪومت | |||
• قسم | خودمختيار رياست
[1][2][3] (پاڪستان جي انتظام هيٺ) [4][5] | ||
• مجلس | آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي | ||
• صدر | مسعود خان | ||
• وزير اعظم | راجا فاروق حيدر (پاڪستان مسلم ليگ ن) | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 13,297 ڪ.م2 (5,134 ميل2) | ||
آبادي (2017) | |||
• ڪل | 4.45 million |
بند ڪريو
ڪشمير پنھنجي قدرتي خوبصورتي ۽ دلڪش منظرن جي وجھه سا ڄاتو وڃي ٿو ۽ سير ۽ تفريح کجي لاءِ ماڻھو وڏي تعداد ۾ آزاد ڪشمير جو رُخ ڪندا آھن۔ انھن ئي خوبصورت منظرن جي وجھه سان مغل شھنشاھ ظھير الدين بابر چيو ھو ته ڪشمير زمين تي جنت آھي۔