Map Graph

گلبرگ سب ڊويزن

گلبرگ سب ڊويزن پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جو هڪ تعلقو آهي، جنھن جي جاگرافيائي بيھڪ 67.0759996 لانگيٽيوڊ ۽ 24.9368171 ليٽيٽوڊ آھي، ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 34 ميٽر يا 112 فٽ آهي. نئين لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2003 تحت شھري علائقن م يونين ڪاؤنسل جو نالو تبديل ڪري يونين ڪميٽي رکيو ويو آهي. ھن تعلقي م 8 يونين ڪاميٽيون واقع آھي. جنرل پرويز مشرف جي آندل سڌارن م جڏهن ڪراچي جي ضلعن کي ختم ڪري شھري حڪومت وارو نظام آندو ويو تہ ھن تعلقي کي پڻ ختم ڪري گلبرگ ٽائون جو درجو ڏنو ويو 11 جولاءِ، 2011ع م سٽي گورنمينٽ نظام جي خاتمي سان پراڻا ضلعا ء تعلقا بحال ڪيا ويا تہ ھن تعلقي جي پڻ ڪجهه حدن کي ڦيرڦار سان گلبرگ سب ڊويزن جي نالي سان بحالي ٿي. ھي سب ڊويزن ڪراچي جي گھاٽي آبادي وارو تعلقو آھي جتي صحت ء تعليم جون وڏيون سھولتون ميسر اھن.

Read article
فائل:Karachi,_Gulburg_Chorangi_-_panoramio.jpgفائل:GulbergTown_Karachi.PNGفائل:Sindh_Maps.svgفائل:Pakistan_Maps.svgفائل:Nagan_Ch_Karachi.jpg