Map Graph

ڪابل

ڪابل افغانستان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. ھي افغانستان جي ڪابل صوبي ۾ آباد آھي ۽ 2021ع وارن انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 4.6 ملين آھي. ھن شھر کي افغانستان جو سياسي، ٿقافتي ۽ معاشي مرڪز چئجي تہ غلط نہ ٿيندو. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 1790 ميٽر اوچائيءَ تي ھندوڪش جبلن ۽ ڪابل نديءَ جي وچواري ماٿريءَ ۾ وسيل آھي. تاريخي طور ھي شھر 3500 سالن کان بہ وڌيڪ پراڻو آھي ۽ اھخامشي سلطنت جو حصو رھيو. جيڪڏھن ويٽنام جي شھر ھنوئي کان ترڪيءَ جي شھر استنبول تائين سفر ڪجي تہ ھي شھر بلڪل وچ تي ايندو. جڳ مشھور ريشم شاھراھ ھن شھر وٽان گذري ٿي. اھا شاھراھ ڏکڻ ايشيا کي مرڪزي ايشيا سان ملائي ٿي. صدين کان ھيءَ شاھراھ سنڌو ماٿريءَ کان وٺي افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيا جي رياستن وچ ۾ واپاري لاڳاپن جو اھم ذريعو رھي آھي. ھن شھر تي مختلف گھراڻن جي بادشاھن حڪومت ڪئي. سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھي اونھاري جي موسم ۾ مغل سلطنت جي گاديءُ جو ھنڌ رھيو. جڏھن ايران جي بادشاھ نادر شاھ ھندستان تي ڪاھ ڪئي تہ ڪابل بہ سندس سلطنت جو حصو بنجي ويو. 1747ع ۾ ھتي دراني گھراڻي جي بادشاھت قائم ٿي. 1776ع ۾ تيمور شاھ درانيءَ ھن شھر کي افغانستان جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھي شھر انگريزن جي ھٿ ھيٺ آيو پر ٿوري ئي عرصي ۾ انگريزن کي ھي شھر ڇڏڻو پيو.

Read article
فائل:Kabul_river_-_panoramio.jpgفائل:Zarnegar_mausoleum_palace_postcard_-_cropped.jpgفائل:Sakhi_mosque,_Kabul.jpgفائل:Bagh-e-Bala1.jpgفائل:Kabul,_Afghanistan_view.jpgفائل:Horsemen_assembled_outside_the_city_walls_at_Kabul,_Afghanis_Wellcome_V0050453.jpgفائل:The_Mausoleum_of_Timur_Shah,_Kabul,_1879.jpgفائل:DSC_0049-2.jpgفائل:Kabul_traffic_-_panoramio.jpg