Map Graph

نيمروز صوبو

افغانستان ۾ صوبو

نيمروز صوبو : افغانستان جو ھڪ صوبو جيڪو ان جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ واقع آھي جنھن جي اوڀر ۾ ايران جا صوبا سيستان ۽ بلوچستان واقع آھن ۽ ڏکڻ ۾ پاڪستان جو بلوچستان واقع آهي. ھي صوبو 5 ضلعن ۾ ورھايل آھي. ان جي آبادي لڳ ڀڳ 1،60،000 آهي. ان جي گادي جو هنڌ زرنج شھر آھي. صوبي جي پکيڙ 41,000 چورس ڪلوميٽر آهي. لفظ نيمروز فارسي ٻولي جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي ھڪ نيم جنھن جي معني آهي اڌ ۽ ٻيو روز جنھن جي معني آهي ڏينھن. ھن صوبي جو وڏو حصو دشت مارگو نالي رڻپٽ تي مشتمل آهي.

Read article
فائل:Nimroz.jpgفائل:Nimruz_in_Afghanistan.svgفائل:Afghanistan_adm_location_map.svgفائل:Nimruz_districts.pngفائل:Afghanistan_provinces_numbered.png