Map Graph

ميھڙ

ميھڙ(انگريزي: Mehar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادوءَ جو ٻيون نمبر وڏو شھر ۽ ميھڙ تعلقي جو صدر مقام آھي..ميھڙ جي جاگرافيائي بيهڪ 27`10`44.23"N 67`49`25.34"E جي وچ ۾ آھي ۽ سامونڊي سطح کان 162 فٽ اوچائي تي واقع آھي. ھن شھر ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رھن ٿا جن ۾ مھيسر، جتوئي، شيخ، سيد،ٻٽ،لغاري، مغيري، ڪلھوڙا، لاشاري، جوڻيجا،چانڊيا، سومرا، سولنگي، ميربحر، قاضي وغيره شامل آهن.ھن شھر ۾ سياست ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڪثريت آھي ٻنھي نئشنل ۽ صوبائي اسيمبلين جي ھن شھر جي تڪن وارن ميمبرن جو تعلق ھن جماعت سان آھي. ھن شھر جو درجو سب ڊويزن جو آھي.ميهڙ جو قديم شهر انڊس هاءِ وي سان واقع آهي.

Read article
فائل:Mehar_720×540.jpgفائل:Sindh_Maps.svgفائل:Pakistan_Maps.svg