مورو
مورو (Moro) سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعو جو شهر ان هنڌ تي واقع آهي جتي سکر، دادو، حيدرآباد ۽ نوابشاه ويندڙ رستن جو ميلاپ ٿئي ٿو. تاريخ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ ذڪر آهي ته لاکاٽ پرڳڻو کان پوءِ مکڻ مورو ۽ فريد ڀاڳت جي مدد سان “سهتي” (ساهتي) پرڳڻو به ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي قبضي ۾ اچي ويو. گمان غالب آهي ته موجوده مورو ساهتي پرڳڻي ۾ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي سپهه سالار مکڻ مورو ٻَڌايو هو جيڪو اڳتي هلي صرف مورو سڏجڻ ۾ آيو.
Read article