Map Graph

لويف

لِوِيف يا لِِوِِيو يوڪرين جو ڇھون وڏو شھر جنھن جي آبادي 717,510 (2021ع) آھي. ھي شھر يوڪرين جو ھڪ وڏو ثقافتي مرڪز آھي. ھن شھر تي اھو نالو روٿينيا جي بادشاھ ڊينئل جي پٽ لئو (Leo)جي ياد ۾ 1256ع ۾ رکيو ويو. ھي شھر 1272ع کان 1349ع تائين گيليشيا - وولھائينيا (Galicia–Volhynia) سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 1434ع ۾ ھن شھر کي پولينڊ جي صوبي (Voivodeship) روسينين (Ruthenian) جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. 1772ع ۾ پولينڊ جي پھرئين ورھاڱي کان پوءِ ھي شھر گيليشيا ۽ لوڊوميريا بادشاھت جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. 1918ع ۾ ٿوري عرصي لاءِ ھي شھر اولھ يوڪرين جي عوامي جمھوريہ جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ رھيو. 1939ع ۾ ھي شھر سوويت يونين جو حصو بنجي ويو جڏھن تہ 1991ع ۾ يوڪرين جي آزاديءَ کان پوءِ انھيءَ ملڪ جو حصو بنجي ويو. ھي شھر لويف صوبي (Oblast) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر پولينڊ جي سرحد کان 70 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آباد آھي.

Read article
فائل:Латинський_кафедральний_собор_(Львів)_16.jpgفائل:Львівський_національний_академічний_театр_опери_та_балету_імені_Соломії_Крушельницької_13.jpgفائل:LvivOldTown1.jpgفائل:Кропивницького_пл.,_1,_церква_св._Ольги_і_Єлизавети,_9109-HDR-Edit.jpgفائل:Лвов_Галиција.jpgفائل:Палац_Потоцьких._Львів_12.jpgفائل:Lviv_flag.svgفائل:Coat_of_arms_of_Lviv.svgفائل:Логотип_Львова_англійською.pngفائل:Ukraine_relief_location_map.jpgفائل:Europe_relief_laea_location_map.jpg