Map Graph

عزت جي وانڍ

يو سي 8 عزت جي وانڍ (انگريزي: U C 8 Izat ji Wandh) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 8 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 5,487آهي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. اھو ڳوٺ نئون ديرو جي اوڀر طرف درياء سنڌ جي ڀرسان واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ناريجا، ڏاھاڻي، لاشاري، ڦلپوٽا، سيد، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ عزت جي وانڍ، ، ڳوٺ الله ڏنو ڏاھاڻي، ڳوٺ ڦلپوٽا، ڳوٺ خدابخش ڦلپوٽو، ديھ نورپور, ديھ ڦلپوٽا ، ديھ شريف پور ۽ ٻيا شامل آهن.

Read article